Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 22:41 - Muslim Sindhi Bible

41 ٻئي ڏينهن صبح جو بلق بلعام کي پاڻ سان بامات‌بعل جي مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو، جتان بلعام بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ جو آخري حصو ڏسي ٿي سگھيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

41 ۽ صبح جو هيئن ٿيو، جو بلق بلعام کي پاڻ سان وٺي، بعل جي مٿانهين جاين تي آيو، ۽ اتان هن اسرائيل جي سڄي قوم کي ڏٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 22:41
9 Iomraidhean Croise  

هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جي پوڄا گھرن ۽ پنهنجي بڻايل گابي ۽ ٻڪر جي شڪل وارن بتن لاءِ پنهنجي ماڻهن کي مذهبي بزرگ مقرر ڪيو هو.


اوهان بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺهرايون آهن تہ جيئن پنهنجن پٽن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور اتي بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙيو. اهو هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن جو مون ڪڏهن بہ حڪم ناهي ڏنو، نہ ڪو ذڪر ڪيو اٿم ۽ نہ وري اهڙو ڪو خيال بہ منهنجي دل ۾ آيو.


موآب ۾ غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ قربانيون ساڙڻ ۽ سندن معبودن لاءِ نذرانا پيش ڪرڻ کي آءٌ بند ڪرائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


ڏسو، حشبون شهر مان باهہ جي شعلي وانگر سيحون جي فوج نڪتي، جنهن موآب واري عار شهر کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ برساتي نهر ارنون وارن جبلن جي رهاڪو سردارن کي ڳهي ويئي.


اتي بلق ڏاند ۽ رڍون ڪُٺيون ۽ اُهي بلعام ۽ ساڻس گڏ جيڪي اڳواڻ هئا تن ڏانهن موڪليائين.


پوءِ بلعام بلق کي چيو تہ ”هتي منهنجي لاءِ ست قربان‌گاهون ٺهرايو ۽ منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گھٽا تيار رکو.“


پوءِ بلق بلعام کي چيو تہ ”هاڻي مون سان گڏجي ٻئي هنڌ هل، جتان تون انهن سڀني کي نہ، پر رڳو پڇاڙيءَ وارن کي ڏسي سگھندين. پوءِ تون انهن تي منهنجي خاطر لعنت ڪر.“


اتي اوهين ضرور انهن سڀني جاين کي برباد ڪري ڇڏجو، جتي جتي اهي قومون جن جي اوهين جاءِ وٺندا، سي اوچن جبلن ۽ ٽڪرين تي ۽ هر هڪ سائي وڻ جي هيٺ پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan