Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 22:36 - Muslim Sindhi Bible

36 جڏهن بلق بادشاهہ ٻڌو تہ بلعام اچي رهيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب ملڪ جي انهيءَ سرحدي شهر تائين آيو جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

36 ۽ جڏهن بلق ٻڌو تہ بلعام آيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب جي انهي شهر تائين ويو، جو ارنون جي حد تي، هن جي سرحد جي ڏورانهين ڀاڱي ۾ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 22:36
14 Iomraidhean Croise  

جڏهن ابرام ڪدرلاعمر ۽ ٻين بادشاهن کي شڪست ڏيئي واپس موٽيو تہ سدوم جو بادشاهہ، شويہ جي ماٿريءَ تائين سندس استقبال لاءِ آيو، جنهن کي بادشاهي ماٿري بہ چئجي ٿو.


اتي هن مٿي نهاري ڏٺو تہ ٽي ماڻهو بيٺل نظر آيس. انهن کي ڏسي اتان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو. پوءِ جھڪي کين سجدو ڪيائين


تڏهن يوسف بہ پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ جشن ڏانهن ويو. جڏهن يوسف کيس ڏٺو تہ ڀاڪر کڻي وڌائينس ۽ ڳچ دير تائين پئي رنو.


تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جھڪي نياز سان هن کي چميائين. ٻنهي هڪٻئي جي خيرعافيت پڇي، پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.


کيس اهو بہ چوائي موڪل تہ ”موآب جون عورتون برساتي نهر ارنون جي گھاٽن تي ملڪ کان ڀڄڻ لاءِ ائين پيون ڦرنديون وتن، جيئن پکي پنهنجن آکيرن مان اٿاريا ويا هجن.


هو اوهان کي ٻڌائيندا تہ ’موآب خوار خراب ڪيو ويو آهي. اهو بلڪل ناس ڪيو ويو آهي. سو اسان سان گڏ روئو رڙو. اوهين موآب جي سرحد واري برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي هلندي پڙهو گھمايو تہ موآب برباد ڪيو ويو آهي.‘


پر خداوند جي ملائڪ بلعام کي چيو تہ ”تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ. پر جيڪا ڳالهہ آءٌ تو کي چوان رڳو اها ئي تون چئجانءِ.“ سو بلعام بلق بادشاهہ جي موڪليل اڳواڻن سان گڏجي ويو.


اُتي بلق بلعام کي چيو تہ ”ڇا مون تو کي تاڪيد سان نہ گھرايو هو؟ پوءِ تون ڇو مون وٽ هليو نہ آئين؟ ڇا آءٌ تو کي نوازي نہ ٿو سگھان؟“


جڏهن روم جي ايمان وارن اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ انهن مان ڪي اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ تائين ۽ ڪي وري ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏهن پولس انهن کي ڏٺو تہ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ نئون حوصلو پيدا ٿيس.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موآب مان لنگھي وڃڻ کان پوءِ خداوند اسان کي فرمايو تہ ’هاڻي اوهين اُٿي روانا ٿيو ۽ برساتي نهر ارنون مان لنگھي پار وڃو. ياد رکو، مون حشبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي سندس ملڪ سميت اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهين انهيءَ جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ساڻس جنگ ڪريو.


انهيءَ وقت ئي اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان اهو سڄو ملڪ کسي ورتو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي حرمون جبل تائين آهي.


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگھي ادوم ۽ موآب ملڪن کان وڪڙ ڪري موآب ملڪ جي اوڀر طرف کان آيا ۽ برساتي نهر ارنون جي هُنَ ڀر اچي تنبو هنيائون. جيئن تہ ارنون جي برساتي نهر موآب ملڪ جي سرحد هئي، تنهنڪري هو اها پار ڪري موآب ملڪ ۾ نہ آيا.


جيئن ئي هن ساڙڻ واري قرباني ڪري بس ڪئي تہ اوچتو سموئيل اچي پهتو. سائول سندس استقبال ڪرڻ ۽ ساڻس ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan