Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 22:22 - Muslim Sindhi Bible

22 هن جي وڃڻ ڪري خدا کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سو جيئن بلعام پنهنجيءَ گڏهِہ تي وڃي رهيو هو ۽ سندس ٻہ نوڪر بہ ساڻ هئا تہ خداوند جو ملائڪ هن کي روڪڻ لاءِ رستي تي اچي بيٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ۽ هن جي وڃڻ ڪري خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي: ۽ خداوند جو فرشتو هن جي مخالفت لاءِ اچي رستي تي بيٺو. هاڻي هو گڏهہ تي چڙهيل هو، ۽ سندس ٻہ نوڪر ساڻس گڏ هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 22:22
11 Iomraidhean Croise  

پوءِ ييهوءَ حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ سڀني ماڻهن کي گھرايو وڃي.“ تڏهن سڄي اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو اعلان ڪيو ويو.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ هڪڙو فرشتو اوهان جي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ اوهان جي نگهباني ڪري. هو اوهان کي انهيءَ جاءِ ۾ پهچائيندو جيڪا مون تيار ڪئي آهي.


مصر ڏانهن ويندي رستي ۾ هڪڙيءَ منزل تي خداوند موسيٰ کي گڏيو ۽ کيس مارڻ گھريائين.


هن تيرانداز دشمن وانگر حملو ڪري پنهنجي طاقت سان اسان جي پيارن کي قتل ڪري ڇڏيو. هن اسان جي وطن تي پنهنجو قهر باهہ جيان نازل ڪيو. هائو، هن سڄي پياري صيئون کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو.


تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ ٻار جو نالو يزرعيل رک، ڇاڪاڻ تہ ٿوري ئي عرصي ۾ آءٌ ييهوءَ جي شاهي گھراڻي ۾ اهڙو قتلام وجھندس، جهڙو هن يزرعيل شهر ۾ وڌو هو. اهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل تان سندس گھراڻي جي بادشاهي ختم ڪري ڇڏيندس.


جڏهن گڏهِہ خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي تي بيٺل ڏٺو تڏهن رستي کان مڙي ٻنيءَ ۾ لهي ويئي. پر بلعام گڏهِہ کي مار ڏيئي ڦيري رستي تي آندو.


خداوند جي ملائڪ بلعام کان پڇيو تہ ”تو پنهنجيءَ گڏهِہ کي ڇو ٽي ڀيرا مار ڏني؟ آءٌ تنهنجو رستو روڪڻ لاءِ آيو آهيان، ڇو تہ تنهنجو هي رستو منهنجي نظر ۾ گمراهيءَ وارو رستو آهي.


پر خداوند جي ملائڪ بلعام کي چيو تہ ”تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ. پر جيڪا ڳالهہ آءٌ تو کي چوان رڳو اها ئي تون چئجانءِ.“ سو بلعام بلق بادشاهہ جي موڪليل اڳواڻن سان گڏجي ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan