Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 22:20 - Muslim Sindhi Bible

20 انهيءَ رات خدا بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن هي ماڻهو تو کي وٺڻ آيا آهن تہ تون اُٿ ۽ بيشڪ انهن سان وڃ. پر جيڪي آءٌ تو کي چوان رڳو تنهن تي ئي عمل ڪجانءِ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 پوءِ خدا رات جو بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ، جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي سڏڻ آيا آهن، تہ تون اُٿي انهن سان وڃ، پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان، سا ئي تون ڪج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 22:20
18 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري مون اوهان کي ڇڏي ڏنو، تہ ڀل اوهين پنهنجي دل جي هوڏ تي هلو، ۽ جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو.


تنهنجي انهيءَ بڪواس ۽ گستاخيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نڪ ۾ ناڪيلي، ۽ تنهنجي وات ۾ لغام وجھندس، ۽ جنهن رستي کان تون آيو آهين، ساڳي ئي رستي سان تو کي لوڌي روانو ڪندس.‘“


تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”ائين نہ چئُہ تہ ’آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان،‘ بلڪ جنهن ڏانهن بہ آءٌ تو کي موڪليان، تنهن ڏانهن تو کي وڃڻو آهي، ۽ جيڪي حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو پهچائڻو آهي.


تڏهن مون غصي ۾ اچي اوهان کي بادشاهہ ڏنا، ۽ پوءِ پنهنجي غضب وچان انهن کي بہ هٽائي ڇڏيو.


سو هاڻي اوهين بہ اڄوڪي رات هتي رهي پئو تہ آءٌ معلوم ڪريان تہ خداوند مون کي وڌيڪ ڇا ٿو چوي.“


پر خداوند جي ملائڪ بلعام کي چيو تہ ”تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ. پر جيڪا ڳالهہ آءٌ تو کي چوان رڳو اها ئي تون چئجانءِ.“ سو بلعام بلق بادشاهہ جي موڪليل اڳواڻن سان گڏجي ويو.


هن جواب ڏنو تہ ”ڇا آءٌ رڳو اُها ئي ڳالهہ نہ چوان جيڪا خداوند منهنجي وات ۾ وڌي هجي؟“


خداوند بلعام سان مليو ۽ سندس وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وجھي چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“


بلعام کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”مون توهان کي چيو ڪين هو تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو، سو ئي مون کي ڪرڻو آهي؟“


تڏهن خداوند بلعام جي وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وڌي ۽ چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“


’جيڪڏهن بلق بادشاهہ چانديءَ ۽ سون سان ڀريل پنهنجو گھر بہ مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند جي حڪم کان ٻاهر پنهنجي مرضيءَ سان ڪابہ چڱائي يا بڇڙائي ڪري ڪين سگھندس؟ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو ئي مون کي چوڻو آهي.‘“


هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو، ۽ خدا جو فرمان ٻڌي پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan