Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 22:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ’جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي سا روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻ تون اچ ۽ انهن تي اچي لعنت ڪر، پوءِ شايد آءٌ ساڻن وڙهي سگھان ۽ کين ڀڄائي ڪڍان.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ڏس، جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي، تنهن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، هاڻي تون اچي انهن کي لعنت ڪر؛ تہ من آءٌ هنن سان وڙهي سگهان، ۽ کين هڪالي ڪڍان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 22:11
8 Iomraidhean Croise  

شل قومون تنهنجيون خدمتگار ٿين ۽ قبيلا تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائين. شل پنهنجي سڀني ڀائرن جو حاڪم ٿئين ۽ شل تنهنجي ماءُ جو اولاد تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي. شل انهيءَ تي پِٽَ پوي جيڪو تو تي پِٽَ وجھي ۽ شل اهو ڀلارو ٿئي جيڪو تو لاءِ ڀلائي گھري.“


بلعام ورندي ڏني تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق ولد صفور مون ڏانهن چوائي موڪليو آهي تہ


پر خدا بلعام کي فرمايو تہ ”تون هنن سان نہ وڃ ۽ نہ وري انهن ماڻهن تي لعنت ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها قوم برڪت واري آهي.“


تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ ”هي تو مون سان ڇا ڪيو؟ مون تہ تو کي پنهنجي دشمنن تي لعنت ڪرڻ لاءِ هتي گھرايو آهي، پر تو تہ انهن کي برڪت ئي برڪت ڏني آهي.“


تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق مون کي ارام ملڪ مان گھرايو. هائو، هن مون کي اوڀر واري جابلو علائقي مان سڏايو. هن چيو تہ ’اچ ۽ منهنجي خاطر بني يعقوب تي اچي لعنت ڪر، هائو، اچ ۽ منهنجي واسطي بني اسرائيل کي اچي ملامت ڪر.‘


تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجا هٿ مهٽيندي بلعام کي چيو تہ ”مون تہ تو کي انهيءَ لاءِ سڏايو هو تہ منهنجي دشمنن تي لعنت ڪر، پر تو تہ هنن کي اٽلندو ٽي ڀيرا برڪت ڏني آهي.


پر مون بلعام جي ڳالهہ نہ ٻڌي ۽ هن لعنت وجھڻ جي بجاءِ گھڙيءَ گھڙيءَ اوهان کي دعا ٿي ڏني. اهڙيءَ طرح مون اوهان کي بلق جي هٿن کان بچايو.


پوءِ جالوت دائود کي چيو تہ ”آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون مون تي لٺ کڻي آيو آهين؟“ جالوت پنهنجي معبود جا نالا کڻي دائود تي لعنت وجھڻ لڳو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan