Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 21:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن خداوند انهن ماڻهن ۾ تمام زهريلا نانگ موڪليا. انهن نانگن کين ڏنگيو ۽ بني اسرائيل مان گھڻا ئي ماڻهو مري ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تڏهن خداوند انهن ماڻهن ۾ تمام زهريلا نانگ موڪليا، جن ماڻهن کي ڏنگيو؛ ۽ اسرائيلين مان گهڻا ماڻهو مري ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 21:6
8 Iomraidhean Croise  

”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.


ڏاکڻي بيابان جي جانورن بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جا ايلچي اهڙي خطرناڪ ۽ مصيبت واري بيابان مان سفر ٿا ڪن، جنهن ۾ ببر شينهن ۽ ڪاريهر ۽ اڏامندڙ زهريلا نانگ آهن. اهي پنهنجي گڏهن ۽ اٺن جي پٺين تي قيمتي تحفا ۽ پنهنجا خزانا هڪڙي اهڙي قوم ڏانهن کڻي ٿا وڃن، جنهن مان کين ڪوبہ فائدو نہ رسندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”خبردار ٿجو، آءٌ اوهان منجھہ اهڙا زهريلا نانگ موڪليندس، جن تي ڪو منتر اثر نہ ڪندو، ۽ اُهي اوهان کي ڏنگي وجھندا.“


يا فرض ڪر تہ آءٌ ڪنهن قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن خونخوار جھنگلي جانور موڪليان، جيڪي سندن ماڻهن کي چيري ڦاڙي سندن ملڪ ويران ڪري ڇڏين، ايتري قدر جو انهن جانورن جي ڪري ڪوبہ انهيءَ ملڪ مان لنگھي نہ سگھي.


نڪي اسان کي مسيح کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن آزمايو ۽ نانگن کين ڏنگي چٽ ڪري ڇڏيو.


هن انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ اوهان جي رهنمائي ڪئي، جتي زهريلا نانگ ۽ وڇون هئا. انهيءَ خشڪ ۽ ٺوٺ زمين ۾ هن اوهان جي لاءِ سخت ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan