Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 21:35 - Muslim Sindhi Bible

35 سو بني اسرائيل عوج بادشاهہ کي، سندس پٽن کي ۽ سندس سڄيءَ قوم کي ماري ڇڏيو، ايتري قدر جو ڪو هڪڙو ماڻهو بہ هنن جي هٿان زندہ نہ بچيو. پوءِ هنن سندس ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

35 سو هنن انهي کي، ۽ سندس پٽن کي، ۽ سندس ساري قوم کي، اهڙو ماريو، جو هن جو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو: ۽ هنن انهي جو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 21:35
13 Iomraidhean Croise  

انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار فتح حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو.


ادوم جي علائقي ۾ پهريائين حوري قوم جا ماڻهو رهندا هئا. پر بني عيسوءَ انهن کي ڀڄائي ڪڍيو. انهن کي برباد ڪري هو پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا، جيئن بني اسرائيل پنهنجي دشمنن سان بعد ۾ پنهنجي ورثي واري ملڪ ۾ ڪيو، جيڪو خداوند انهن کي عطا ڪيو.


خداوند انهن قومن کي ائين ئي برباد ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج ۽ سندن سڄي ملڪ کي ڪيو هئائين.


هن اهي کين اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ماٿريءَ ۾ بيت‌فعور شهر جي سامهون ٻڌايا، يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جيڪو حشبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر مان نڪرڻ کان پوءِ شڪست ڏني.


ان وقت هنن سندس ملڪ کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. اهي ٻئي امورين جا بادشاهہ هئا جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر پاسي رهندا هئا.


بسن ۾ عوج بادشاهہ جيڪو رفائين جي باقي بچيل نسل مان هو ۽ عستارات ۽ ادرعي تي راڄ ڪندو هو، تنهن جي سڄي بادشاهت انهيءَ ۾ شامل هئي. موسيٰ انهن کي شڪست ڏيئي کين بي‌دخل ڪري ڇڏيو هو.


خداوند بني اسرائيل کي وراڻيو تہ ”جڏهن مصرين، امورين، بني عمون ۽ فلستين،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan