ڳاڻاٽو 21:32 - Muslim Sindhi Bible32 تڏهن موسيٰ يعزير شهر تي پڻ حملي ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪرائي ۽ اهو شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت بني اسرائيل جي قبضي ۾ آندو ويو. اهڙيءَ طرح جيڪي اموري اتي رهندا هئا تن کي ڀڄائي ڪڍيائون. Faic an caibideilSindhi Bible32 ۽ موسيٰ يعزير شهر جي جاسوسيءَ لاءِ ماڻهو موڪليا، ۽ هنن انهي جا شهر وڃي هٿ ڪيا، ۽ جيڪي اموري اتي هئا، تن کي هڪالي ڪڍيائون. Faic an caibideil |
اي موآب جي شهر سبماہ جا رهاڪؤ! آءٌ اوهان جي تباهيءَ تي انهيءَ کان بہ وڌيڪ روئندس، جيترو يعزير شهر لاءِ رنو هئس. اوهين انگورن جي اهڙيءَ ول جيان آهيو، جنهن جون ٽاريون کاري سمنڊ کان ٽپي ويون هجن، ۽ يعزير شهر تائين وڃي پهتيون هجن. ۽ ان ول ۾ انگورن جو قيمتي فصل پيدا ٿيل هجي. هاڻي ان تي تباهي مچائيندڙ هڪ لشڪر اچي ڪڙڪندو.