Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 21:23 - Muslim Sindhi Bible

23 پر سيحون بني اسرائيل کي پنهنجي حد مان لنگھڻ تہ نہ ڏنو، اٽلندو پنهنجي سڄي قوم گڏ ڪري بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ آيو. هن يهض شهر ۾ پهچي بني اسرائيل تي حملو ڪري وڌو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 پر سيحون اسرائيلين کي پنهنجي حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: پر سيحون پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري، اسرائيلين جي مقابلي لاءِ بيابان ۾ آيو، ۽ يهض ۾ اچي اسرائيلين سان جنگ ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 21:23
11 Iomraidhean Croise  

حشبون ۽ العالي شهرن جا ماڻهو روئن رڙن ٿا، سندن رڙين جو آواز تمام پري يهض تائين پيو ٻڌڻ ۾ اچي. انهيءَ ڪري موآب جا سپاهي بہ خوف وچان دانهون ٿا ڪن. هائو، موآب جا جنگي جوڌا همت هاري ويٺا آهن.


موآب جي مٿاهين ميدان وارن هنن شهرن تي سزا نازل ٿيڻ واري آهي: حولون، يهصاہ، مفعت،


حشبون ۽ العالي شهرن وارا رڙيون ڪندا. سندن رڙيون يهض شهر تائين، بلڪ ضغر کان وٺي حورونايم ۽ عجلت شليشياهہ شهرن تائين پيون ٻڌبيون، ڇاڪاڻ تہ برباديءَ سبب نمريم نهر جو پاڻي بہ سڪي ويندو.


اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.


پر ادوم جي بادشاهہ جواب ڏياري موڪليس تہ ”منهنجي ملڪ مان نہ لنگھجانءِ. جيڪڏهن لنگھڻ جي ڪوشش ڪندين تہ پوءِ آءٌ نڪري تلوار سان تو تي حملو ڪندس.“


جيئن تہ ادوم جي بادشاهہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ نہ ڏنو، تنهنڪري هو اتان ڦري ٻئي رستي سان ويا.


هن اهي کين اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ماٿريءَ ۾ بيت‌فعور شهر جي سامهون ٻڌايا، يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جيڪو حشبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر مان نڪرڻ کان پوءِ شڪست ڏني.


يهصاہ، قديمات ۽ مفعت،


پر سيحون جو بني اسرائيل تي ايترو ڀروسو نہ ٿيو جو پنهنجي حد مان کين لنگھڻ ڏئي. اٽلندو هن پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري يهص ۾ اچي تنبو کوڙيا ۽ بني اسرائيل تي حملو ڪري ڏنائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan