Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 21:14 - Muslim Sindhi Bible

14 ”خداوند لاءِ جنگيون“ نالي ڪتاب ۾ انهن هنڌن جو ذڪر شاعريءَ جي صورت ۾ هن ريت لکيل آهي تہ ”... واهيب شهر، جيڪو سوفاہ جي علائقي ۾ آهي، برساتي نهر ارنون ۽ انهيءَ علائقي جون ٻيون برساتي نهرون،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 انهي ڪري خداوند جي جنگ نامي ۾ هيئن چيل آهي تہ، واهيب جو سوفہ ۾ آهي، ۽ ارنون جون ماٿريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 21:14
8 Iomraidhean Croise  

هن ماڻهن کي حڪم ڪيو تہ اهو تيرڪمان واري راڳ جي سُرَ ۾ بني يهوداہ کي سيکارين. هي مرثيو پوءِ ”ياشر جو ڪتاب“ ۾ لکيو ويو.


کيس اهو بہ چوائي موڪل تہ ”موآب جون عورتون برساتي نهر ارنون جي گھاٽن تي ملڪ کان ڀڄڻ لاءِ ائين پيون ڦرنديون وتن، جيئن پکي پنهنجن آکيرن مان اٿاريا ويا هجن.


وري اتان روانا ٿي ارنون نالي برساتي نهر جي پرينءَ ڀر وڃي منزل ڪيائون، جيڪا امورين جي سرحد وٽان نڪري بيابان ۾ ٿي وهي. برساتي نهر ارنون امورين ۽ موآبين جي وچ ۾ آهي ۽ موآب جي سرحد آهي.


انهن برساتي نهرن جون لاهيون پڻ، جيڪي عار شهر تائين آهن، بلڪ موآب جي ملڪ واري سرحد تائين ٿيون پهچن.“


پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موآب مان لنگھي وڃڻ کان پوءِ خداوند اسان کي فرمايو تہ ’هاڻي اوهين اُٿي روانا ٿيو ۽ برساتي نهر ارنون مان لنگھي پار وڃو. ياد رکو، مون حشبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي سندس ملڪ سميت اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهين انهيءَ جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ساڻس جنگ ڪريو.


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan