هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو کين آسمان مان ماني ڏني. هنن جي اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍيو. تو ئي کين انهيءَ ملڪ تي وڃي قبضو ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن جي ڏيڻ جو تو ساڻن واعدو ڪيو هو.
پر اوهان جي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيل هو، تنهنڪري منهنجي نہ ٻڌائين. اٽلندو مون کي چيائين تہ ’تنهنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي، سو انهيءَ ڳالهہ بابت مون کي وڌيڪ نہ چئُہ.