Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 20:29 - Muslim Sindhi Bible

29 تڏهن بني اسرائيل کي خبر پيئي تہ هارون مري چڪو آهي. تنهن تي سڀني ماڻهن هارون لاءِ ٽيهہ ڏينهن سوڳ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

29 ۽ جڏهن ساريءَ جماعت ڏٺو تہ هارون مري ويو، تڏهن انهن، يعني اسرائيل جي سڄي گهراڻي هارون لاءِ ٽيهہ ڏينهن ماتم ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 20:29
9 Iomraidhean Croise  

خدا خشڪيءَ جو نالو ”زمين“ رکيو ۽ پاڻي جيڪو گڏ ٿيو هو تنهن جو نالو ”سمنڊ“ رکيائين. خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي.


پوءِ روشنيءَ جو نالو ”ڏينهن“ رکيائين ۽ اوندهہ جو ”رات.“ سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو پهريون ڏينهن هو.


هن ڪنعان ملڪ جي اربع شهر يعني حبرون ۾ وفات ڪئي. ابراهيم انهيءَ جي وفات تي سوڳ ڪيو ۽ رنو.


جڏهن اهي اتد علائقي جي ڳاهہ ڳاهڻ واريءَ جاءِ وٽ پهتا، جيڪا اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر آهي، تڏهن اُتي هو دل ڏاريندڙ وڏي آواز ۾ رنا. يوسف اُتي پنهنجي پيءُ جي لاءِ ست ڏينهن سوڳ ڪيو.


انهيءَ ۾ پورا چاليهہ ڏينهن لڳي ويا، ڇو تہ سرهاڻيون لائڻ ۾ ايترا ئي ڏينهن لڳندا هئا. مصرين هن جي لاءِ ستر ڏينهن سوڳ ملهايو.


بني اسرائيل جي ماڻهن موسيٰ جي لاءِ موآب جي ميدان ۾ ٽيهہ ڏينهن سوڳ ملهايو. هو تيستائين موسيٰ جي لاءِ روئندا ۽ سوڳ ڪندا رهيا، جيستائين اهي ڏينهن پورا ٿيا.


سموئيل وفات ڪئي تہ سڄو بني اسرائيل اچي گڏ ٿيو ۽ هن لاءِ سوڳ ڪيائون. هنن سندس وطن رامہ شهر ۾ ئي کيس دفن ڪيو. انهن ڏينهن ۾ دائود معون جي بيابان ڏانهن روانو ٿي ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan