Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 20:24 - Muslim Sindhi Bible

24 ”هارون وفات ڪري پنهنجن سان وڃي گڏبو. سو جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ هو داخل نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ مريباہ جي چشمي وٽ اوهان ٻنهي منهنجي حڪم جي خلاف ڪم ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

24 هارون پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبو: ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، تنهن ۾ هو داخل ڪين ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان مريبہ جي چشمي وٽ منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 20:24
18 Iomraidhean Croise  

اسماعيل هڪ سؤ ستٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وڃي پنهنجن سان گڏيو.


تنهن کان پوءِ وفات ڪيائين. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏي ڄمار ماڻي وڃي پنهنجن سان مليو.


تہ هن دم ڏنو ۽ مري ويو. هو وڏي عمر ماڻي وڃي پنهنجن سان گڏيو. سندس پٽن عيسوءَ ۽ يعقوب کيس دفنايو.


پوءِ يعقوب پنهنجي پٽن کي تاڪيد ڪري چيو تہ ”هاڻي آءٌ وڃي پنهنجن سان گڏجڻ وارو آهيان. سو مون کي منهنجي ابن ڏاڏن وٽ انهيءَ غار ۾ دفن ڪجو جيڪا عِفرون حِتيءَ جي ٻنيءَ ۾ آهي.


جڏهن يعقوب پنهنجي پٽن کي وصيت ڪري چڪو، تڏهن هن پنهنجيون ٽنگون هنڌ ۾ ڇڪيون ۽ دم ڏنائين. ائين هو وڃي پنهنجن سان گڏيو.


جيڪا سزا آءٌ هن هنڌ ۽ هتي رهڻ وارن کي ڏيندس سا تون پنهنجين اکين سان نہ ڏسندين. تون انهيءَ کان اڳ سڪون سان وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين.‘“ پوءِ اهي ماڻهو خداوند جو اهو پيغام کڻي يوسياہ بادشاهہ وٽ آيا.


انهيءَ سبب هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا ۽ ائين چئي خداوند کي آزمايو هئائون تہ ”ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟“


اتي هارون جي ڪهانت واري خاص پوشاڪ لاهي سندس پٽ اليعزر کي پاراءِ. هارون اتي وفات ڪري پنهنجن سان وڃي گڏبو.“


ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن خراب هنڌ وٺي آيا آهيو، هتي تہ نہ اناج آهي نہ انجير، نہ انگور آهن نہ ڏاڙهون، ايتري قدر جو هتي پيئڻ جي لاءِ پاڻي بہ ڪونهي.“


انهيءَ ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ تون بہ پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين،


”مديانين کان بني اسرائيل جو وير وٺ. وير وٺڻ کان پوءِ تون وفات ڪري پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين.“


هو پنهنجي سموري خدمت، سامان کڻڻ جي يا ڪا ٻي، هارون ۽ سندس پٽن جي نگرانيءَ هيٺ ڪندا. جيڪو بار کين کڻڻو هجي سو اوهين هنن جي ذمي مقرر ڪجو.


جنهن جبل تي تون چڙهڻ وارو آهين تنهن تي تون وفات ڪندين ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين، جهڙيءَ طرح تنهنجو ڀاءُ هارون هور جبل تي مري ويو ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو.


لاوي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”اي خدا! انهن ٻانهن وٽ تنهنجو اُوريم ۽ ٿُميم آهي، مساہ واري ٽڪريءَ تي تنهنجي آزمائڻ سان اهي سچا نڪتا هئا، هائو، جڏهن مريباہ چشمي وٽ تو انهن سان جھڳڙو ڪيو هو.


۽ کين چيائين تہ ”مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اوهان جو ڊپ اسان تي ايترو تہ وٺي ويو آهي جو هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان بني اسرائيل جي خوف کان هيسجي ويا آهن.


انهيءَ پيڙهيءَ جا سمورا ماڻهو پڻ وفات ڪري پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيا. ان کان پوءِ جيڪا پيڙهي ساماڻي سا خداوند کان ۽ سندس انهن ڪمن کان بي‌خبر هئي جيڪي خداوند بني اسرائيل لاءِ ڪيا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan