Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 20:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هن ٻيهر بہ چوائي موڪليو تہ ”هرگز اتان نہ لنگھجو.“ پوءِ ادوم جو بادشاهہ گھڻا ماڻهو ساڻ ڪري، هٿيار کڻي بني اسرائيل تي ڪاهي آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 تنهن تي هن چيو، تہ هرگز متان لنگهين. پوءِ ادوم جو بادشاهہ گهڻا ماڻهو ساڻ ڪري، هٿيار کڻي هن تي ڪاهي آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 20:20
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ عيسو يعقوب کان نفرت ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ هن کي دعا ڏني هئي. هن دل ۾ سوچيو تہ ”منهنجي پيءُ جي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، تنهن کان پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس.“


جڏهن قاصد يعقوب وٽ موٽي آيا تہ کيس ٻڌايائون تہ ”اسين توهان جي ڀاءُ عيسوءَ وٽ وياسين. هو چار سؤ جوان ساڻ ڪري پاڻ توهان سان ملڻ لاءِ اچي ٿو.“


آءٌ تہ صلح جو ڏاڍو ڪوڏيو آهيان، پر جڏهن صلح جي ڳالهہ ٿو ڪريان تڏهن هو جنگ جي لاءِ تيار ٿيو وڃن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.


پر ادوم جي بادشاهہ جواب ڏياري موڪليس تہ ”منهنجي ملڪ مان نہ لنگھجانءِ. جيڪڏهن لنگھڻ جي ڪوشش ڪندين تہ پوءِ آءٌ نڪري تلوار سان تو تي حملو ڪندس.“


جيئن تہ ادوم جي بادشاهہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ نہ ڏنو، تنهنڪري هو اتان ڦري ٻئي رستي سان ويا.


تڏهن هنن ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچيءَ هٿان چوائي موڪليو تہ ’مهرباني ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ ڏي.‘ پر ادوم جي بادشاهہ هنن جي ڳالهہ نہ مڃي. تڏهن ساڳيءَ طرح هنن موآب جي بادشاهہ ڏانهن بہ چوائي موڪليو پر هن بہ انڪار ڪيو. سو بني اسرائيل قادش ۾ ئي ترسي پيا.


پر سيحون جو بني اسرائيل تي ايترو ڀروسو نہ ٿيو جو پنهنجي حد مان کين لنگھڻ ڏئي. اٽلندو هن پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري يهص ۾ اچي تنبو کوڙيا ۽ بني اسرائيل تي حملو ڪري ڏنائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan