Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 20:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر ادوم جي بادشاهہ جواب ڏياري موڪليس تہ ”منهنجي ملڪ مان نہ لنگھجانءِ. جيڪڏهن لنگھڻ جي ڪوشش ڪندين تہ پوءِ آءٌ نڪري تلوار سان تو تي حملو ڪندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 پر ادوم جي بادشاهہ هن کي چيو تہ تون منهنجي ملڪ مان متان لنگهين، نہ تہ آءٌ ترار کڻي تنهنجي مقابلي لاءِ نڪرندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 20:18
6 Iomraidhean Croise  

تڏهن بني اسرائيل هن کي وري چوائي موڪليو تہ ”اسين شاهي رستي سان ئي وينداسين. جيڪڏهن اسان يا اسان جي چوپائي مال اوهان جو پاڻي پيتو تہ اسين انهيءَ جو مُلهہ ڏينداسين. اسين ٻيو ڪجھہ بہ نہ ٿا گھرون، رڳو اسان کي پنهنجي پيرين لنگھي وڃڻ ڏيو.“


هن ٻيهر بہ چوائي موڪليو تہ ”هرگز اتان نہ لنگھجو.“ پوءِ ادوم جو بادشاهہ گھڻا ماڻهو ساڻ ڪري، هٿيار کڻي بني اسرائيل تي ڪاهي آيو.


پر سيحون بني اسرائيل کي پنهنجي حد مان لنگھڻ تہ نہ ڏنو، اٽلندو پنهنجي سڄي قوم گڏ ڪري بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ آيو. هن يهض شهر ۾ پهچي بني اسرائيل تي حملو ڪري وڌو.


پوءِ بني اسرائيل هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا تہ جيئن ادوم ملڪ جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگھي وڃن. پر انهيءَ ڊگھي رستي جي ڪري هو بي‌صبر ٿي پيا.


هو پنهنجي ادومي دشمنن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيندو، ۽ انهن جو ملڪ سندس ملڪيت ٿيندو. سندس اڳواڻيءَ ۾ بني اسرائيل هميشہ فتحياب ٿيندا.


جيستائين اسين اردن درياءَ مان لنگھي انهيءَ ملڪ ۾ وڃون، جيڪو خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏيڻ وارو آهي. ادوم جي علائقي ۾ رهندڙ بني عيسو ۽ عار شهر ۾ رهندڙ موآبين بہ اسان کي ائين ئي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ ڏنو آهي.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan