ڳاڻاٽو 20:17 - Muslim Sindhi Bible17 سو مهرباني ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ جي اجازت ڏيو. اسين ٻنيءَ يا انگورن جي باغ مان نہ لنگھنداسين ۽ نہ ئي وري ڪنهن کوهہ مان پاڻي پيئنداسين. اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين. جيستائين اسين اوهان جي سرحد کان ٻاهر نڪري نہ وڃون تيستائين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نہ کاٻي.“ Faic an caibideilSindhi Bible17 آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: اسين ٻنين يا ڊاک جي منهہ مان نہ لنگهنداسين، نڪي اسين کوهن جو پاڻي پيئنداسين: اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين، ۽ جيستائين اسين تنهنجيءَ سرحد کان ٻاهر وينداسين، تيستائين اسين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نڪي کٻي پاسي. Faic an caibideil |