Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 20:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر جڏهن اسان خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو تہ هن اسان جي پڪار ٻڌي ۽ هڪڙي ملائڪ کي موڪلي اسان کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو. هاڻ اسين قادش شهر ۾ آهيون جيڪو اوهان جي سرحد جي ڪناري تي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 20:16
14 Iomraidhean Croise  

جڏهن فرعون ويجھو اچي پهتو ۽ بني اسرائيل ڏٺو تہ مصري سندن پٺيان ڪاهيندا پيا اچن، تڏهن هو ڏاڍا اچي ڊنا ۽ خداوند کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳا.


تنهن کان پوءِ خدا جو ملائڪ جيڪو بني اسرائيل جي لشڪر جي اڳيان هلندو رهندو هو، سو ڦري انهن جي پٺيان هلڻ لڳو. ڪڪر جو ٿنڀو بہ هنن جي اڳ کان نڪري سندن پٺيان آيو.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ هڪڙو فرشتو اوهان جي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ اوهان جي نگهباني ڪري. هو اوهان کي انهيءَ جاءِ ۾ پهچائيندو جيڪا مون تيار ڪئي آهي.


آءٌ اوهان جي اڳيان هڪڙو ملائڪ رهنمائيءَ لاءِ موڪليندس. آءٌ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي لوڌي ڪڍندس،


هينئر جڏهن تہ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجيءَ غلاميءَ ۾ رکيو آهي، تڏهن مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي.


منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪلي شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. انهن مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي آڏو آءٌ بي‌گناهہ قرار ڏنو ويس. ساڳيءَ طرح اي بادشاهہ! مون توهان جي آڏو بہ ڪو خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.“


اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا ۽ اسين ڪيترائي سال اتي رهياسين. مصرين اتي اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب سلوڪ ڪيو.


”اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ ڏيو. اسين رستو ڇڏي ڪنهن بہ ٻنيءَ يا انگورن جي باغ ۾ نہ لڙنداسين. اسين اوهان جي کوهن جو پاڻي بہ نہ پيئنداسين. اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين، جيستائين اسين اوهان جي حد مان لنگھي وڃون.“


هو اتان قادش مان روانا ٿيا ۽ ادوم ملڪ جي سرحد تي هور جبل وٽ اچي منزل ڪيائون.


ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.


جيئن تہ هن کي اوهان جي ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو. هو پنهنجي وڏيءَ قدرت سان اوهان کي مصر مان پاڻ ئي ڪڍي آيو،


يهوداہ قبيلي کي سندن گھراڻن موجب جيڪو حصو مليو سو هي هو. سندن علائقو ادوم جي علائقي ڏانهن صين جي بيابان جي ڏکڻ واري تمام پڇاڙيءَ واري ڀاڱي تائين هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan