Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 20:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا ۽ اسين ڪيترائي سال اتي رهياسين. مصرين اتي اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب سلوڪ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 تہ ڪهڙيءَ طرح اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا، ۽ اسين گهڻيءَ مدت تائين مصر ۾ رهياسين؛ ۽ مصرين اسان سان، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب هلت ڪئي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 20:15
16 Iomraidhean Croise  

تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مال‌متاع هوندو.


هنن پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو سمورو سامان جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائون، سو سڀ کڻي مصر ۾ آيا. يعقوب سان پنهنجو سمورو اولاد گڏ هو.


هو پنهنجي ڌيءَ، پٽن، پوٽن ۽ پوٽين، مطلب تہ پنهنجي سڄي اولاد کي پاڻ سان گڏ مصر ۾ وٺي آيو.


ستين ڏينهن اهو ٻار مري ويو ۽ دائود جا نوڪر کيس ٻار جي مرڻ جي خبر ٻڌائڻ کان ڊڄڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو ۽ اسين ساڻس ڳالهائيندا هئاسين، تڏهن هو اسان جي ڳالهہ ئي نہ ٻڌندو هو. سو جيڪڏهن هاڻي اسين کيس چونداسين تہ ٻار مري ويو آهي، تہ هو ڪا نقصان واري ڳالهہ نہ ڪري وجھي.“


کين حڪم ڏنائين تہ ”جڏهن اوهين عبراني عورتن کي ويم ڪرايو تڏهن اوهين ڏسو، جيڪڏهن پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.“


تنهن کان پوءِ فرعون پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو.“


بني اسرائيل کي مصر ۾ رهندي چار سؤ ٽيهہ سال گذري ويا هئا.


فرعون جا رکوالا انهن مٿان مقرر ڪيل بني اسرائيل جي عملدارن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ”اوهان ڪالهہ ۽ اڄ سرن ٺاهڻ جو اوترو ڪم ڇو نہ ڪرايو آهي جيترو اڳي ڪرائيندا هئا.“


اسان کي اها مڇي ياد ٿي اچي جا اسين مصر ۾ مفت کائيندا هئاسين. اُتي جا ونگا، گدرا، گندنائون، بصر ۽ ٿوم پڻ اسان کي ياد ٿا پون.


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ مان ڪڍي هتي بيابان ۾ مارڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ هاڻي وري تون اسان جي مٿان صاحبي هلائڻ ٿو گھرين؟


موسيٰ قادش مان ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو تہ ”اسان بني اسرائيل جي قبيلن يعني اوهان جي عزيزن جو عرض آهي تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي اوهان کي خبر آهي.


پر جڏهن اسان خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو تہ هن اسان جي پڪار ٻڌي ۽ هڪڙي ملائڪ کي موڪلي اسان کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو. هاڻ اسين قادش شهر ۾ آهيون جيڪو اوهان جي سرحد جي ڪناري تي آهي.


پوءِ يعقوب مصر ڏانهن ويو، جتي هو ۽ اسان جا وڏا مري ويا.


فرعون اسان جي قوم سان چالاڪي ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪيا. هن کين ان ڳالهہ تي مجبور ڪيو تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاهر ڇڏي ڏين، تہ جيئن اهي مري وڃن.


پر مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي ۽ اسان کي ڏک ڏنائون. هنن اسان تي سخت پورهيو مڙهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan