Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 20:13 - Muslim Sindhi Bible

13 انهيءَ واقعي ۾ نڪرندڙ چشمي جو نالو مريباہ پئجي ويو. انهيءَ سبب جو ان هنڌ تي بني اسرائيل خداوند جي خلاف جھڳڙو ڪيو ۽ خداوند پاڻ کي منجھن پاڪ ثابت ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 اهوئي مريبا جو چشمو آهي؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل خداوند سان جهيڙو ڪيو، ۽ هو منجهن پاڪ ثابت ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 20:13
11 Iomraidhean Croise  

اوهان مون کي مصيبت ۾ پڪاريو، ۽ مون خدا اوهان کي ڇڏائي ورتو. مون گجگوڙ واري لڪل پردي مان اوهان کي جواب ڏنو، پوءِ مون مريباہ جي چشمن وٽ اوهان کي آزمايو.


ٻُڌو، اي منهنجي قوم وارؤ! آءٌ خداوند اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان. ڪاش، اي بني اسرائيل! اوهين منهنجي ٻُڌو.


”اوهين ضد نہ ڪريو، جيئن اوهان جي وڏن مريباہ ۾ ڪيو هو، ۽ جيئن مساہ نالي جاءِ تي هنن بيابان ۾ ڪيو هو.


انهيءَ سبب هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا ۽ ائين چئي خداوند کي آزمايو هئائون تہ ”ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟“


بيشڪ قادرِمطلق خداوند عدل ڪرڻ سان پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو. هائو، هن جي انصاف وارن ڪمن مان سندس پاڪائي پڌري ٿئي ٿي.


جڏهن آءٌ اوهان کي غير قومن مان ڪڍي وطن آڻيندس ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ خوشبوءِ واريون قربانيون قبول ڪندس ۽ اوهان سان راضي ٿيندس. پوءِ ڌرتيءَ جي هر قوم ڏسندي تہ آءٌ ڪيڏو نہ پاڪ ۽ عظيم آهيان.


سو آءٌ پنهنجي انهيءَ عظيم نالي، جنهن جي اوهان جي ڪري غير قومن منجھہ بي‌حرمتي ٿي آهي، تنهن جي پاڪيزگي ثابت ڪري ڏيکاريندس. هائو، جڏهن آءٌ اوهان کي وري بحال ڪري پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي چڙهائي ڪري ايندين ۽ ملڪ مٿان ڪڪرن وانگر ڇانئجي ويندين. اهو سڀ ڪجھہ اڳتي هلي ٿيندو. اي ياجوج! آءٌ تو کي پنهنجي انهيءَ ملڪ تي چاڙهي آڻيندس، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي هر قوم تنهنجي انهن ڪمن مان ڄاڻي وٺي تہ مون خداوند ئي پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو اوهان ٻنهي بني اسرائيل جي موجودگيءَ ۾، صين جي بيابان ۾ ۽ قادش جي مريباہ واري چشمي وٽ منهنجي خيانت ڪئي هئي. اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي قائم نہ رکي.


لاوي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”اي خدا! انهن ٻانهن وٽ تنهنجو اُوريم ۽ ٿُميم آهي، مساہ واري ٽڪريءَ تي تنهنجي آزمائڻ سان اهي سچا نڪتا هئا، هائو، جڏهن مريباہ چشمي وٽ تو انهن سان جھڳڙو ڪيو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan