Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 20:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بني اسرائيل جي سڄي قوم، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي ۽ ماڻهن قادش ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا. اتي مريم وفات ڪئي ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي؛ ۽ ماڻهو قادس ۾ رهي پيا؛ ۽ مريم اتي وفات ڪئي، ۽ اتي ئي دفن ڪئي ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 20:1
23 Iomraidhean Croise  

پوءِ هو موٽي عين‌مِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصون‌تمر ۾ رهندا هئا.


خداوند جو آواز بيابانن کي لوڏي ٿو ڇڏي. بلڪ سندس آواز قاديس جي بيابان کي بہ ڏڪايو ڇڏي.


تڏهن هارون جي ڀيڻ مريم جيڪا نبياڻي هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دڦ کنيو ۽ سڀ عورتون دڦ کڻي نچنديون سندس پٺيان هليون.


انهيءَ ٻار جي ڀيڻ پري کان بيهي ڏسندي رهي تہ هن سان ڇا ٿو ٿئي.


تڏهن ٻار جي ڀيڻ فرعون جي ڌيءَ کي چيو تہ ”جيڪڏهن توهان چئو تہ آءٌ وڃي عبراني عورتن مان ڪنهن ٿڃ ڌارائيندڙ دائيءَ کي توهان وٽ وٺي اچان، جيڪا توهان جي لاءِ هن ٻار کي کير پيئاري.“


ڏکڻ پاسي واري سرحد تمر کان وٺي ڏکڻ اولهہ ۾ مريباہ قادش جي چشمي تائين ۽ پوءِ مصر جي سرحد سان ويندي اتر اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.


آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس، جتي اوهين غلام هئا. مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ، هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.


موسيٰ ڪوش ملڪ جي هڪڙي عورت سان شادي ڪئي هئي. سو ان ڪوشي عورت جي سبب مريم ۽ هارون موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا.


سندس وڃڻ سان ئي اهو ڪڪر خيمي تان هٽي ويو تڏهن مريم ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان بلڪل اڇي ٿي ويئي. جڏهن هارون مريم ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ هوءَ ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ ۾ وٺجي ويئي آهي.


سو مريم ست ڏينهن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر رهي. جيستائين مريم موٽي اندر نہ آئي تيستائين ماڻهو اتان روانا ڪونہ ٿيا.


پوءِ هو اتان اتر طرف روانا ٿيا ۽ ڪنعان ملڪ جي ڏاکڻي علائقي صين جي بيابان کان وٺي ملڪ جي اتر طرف رحوب تائين جيڪو حمات لڪ جي ويجھو آهي، سڄي ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيائون.


پر جڏهن اسان خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو تہ هن اسان جي پڪار ٻڌي ۽ هڪڙي ملائڪ کي موڪلي اسان کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو. هاڻ اسين قادش شهر ۾ آهيون جيڪو اوهان جي سرحد جي ڪناري تي آهي.


بني اسرائيل قادش مان روانا ٿي هور جبل وٽ اچي پهتا.


موسيٰ هارون جي ڪهانت واري پوشاڪ لاهي سندس پٽ اليعزر کي پارائي. هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي. پوءِ جڏهن موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا،


عمرام، لاويءَ جي ڌيءَ يوڪبد سان پرڻيل هو جا لاويءَ کي مصر ۾ ڄائي هئي. انهيءَ مان عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ ۽ هڪڙي ڌيءَ مريم ڄاوا.


ڇاڪاڻ تہ صين جي بيابان ۾ اوهين ٻيئي منهنجي حڪم جي خلاف هليا. جڏهن سڄيءَ قوم پاڻيءَ جي چشمي مريباہ وٽ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي، تڏهن اوهان هنن جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي.“ صين جي بيابان ۾ قادش وٽ مريباہ نالي پاڻيءَ جو هڪ چشمو آهي.


پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ قادش، جيڪو صين جي بيابان ۾ آهي، تنهن ۾ اچي منزل ڪيائون.


سو اوهين ڪيترن ئي ڏينهن تائين قادش ۾ رهيا، ايتري قدر جو ڪافي عرصو گذري ويو.“


قادش‌برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، برساتي نهر زارد جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ سال لڳا. انهيءَ عرصي ۾ خيمي‌گاهہ منجھان سڀ جنگي مرد مري کپي ويا، جيئن خداوند انهن جي باري ۾ قسم کڻي چيو هو.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو اوهان ٻنهي بني اسرائيل جي موجودگيءَ ۾، صين جي بيابان ۾ ۽ قادش جي مريباہ واري چشمي وٽ منهنجي خيانت ڪئي هئي. اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي قائم نہ رکي.


پر ڳالهہ هيءَ آهي تہ جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪري آيا ۽ هو بيابان مان پنڌ ڪري ڳاڙهي سمنڊ کان قادش ۾ آيا،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan