Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 2:34 - Muslim Sindhi Bible

34 سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. انهن مان هر ڪنهن پنهنجي نشان وٽ پنهنجو تنبو کوڙيو ۽ اهڙيءَ طرح انهن مان هر ڪو پنهنجي نسل ۽ ڪٽنب موجب منزل پٽي هليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

34 سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن انهن پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح سڀني پنهنجن خاندانن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب ڪوچ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 2:34
15 Iomraidhean Croise  

پوءِ جڏهن آءٌ تنهنجي حڪمن تي ڌيان سان عمل ڪندس، تڏهن آءٌ ڪڏهن بہ شرمندو ڪين ٿيندس.


مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تيئن ئي بني اسرائيل سمورو ڪم پورو ڪيو.


جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن سينا جي بيابان ۾ انهن جو شمار ڪيو.


ٻين بني اسرائيل جي ماڻهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي دستي موجب پنهنجي پنهنجي قبيلي سان پنهنجي پنهنجي نشان وٽ پنهنجو تنبو هڻي.


سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


تڏهن بني اسرائيل سينا جي بيابان مان منزل کڻي پنهنجي سفر تي نڪتا. اهو ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.


جڏهن بہ بني اسرائيل منزل کڻي روانا ٿيندا هئا، تڏهن انهيءَ ئي ترتيب سان هلندا هئا.


”بني اسرائيل مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي نشان وٽ پنهنجي ڪٽنب جي جھنڊي سان مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي چئني طرفن تي پنهنجو پنهنجو تنبو کوڙي.


پر لاوي بني اسرائيل جي ٻين ماڻهن سان شمار نہ ڪيا ويا، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.


هن ڏٺو تہ بني اسرائيل پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب رهيل هئا. تڏهن اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو


جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن تائين موسيٰ جي ڀاءُ هارون کي هي اولاد هو.


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan