23 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب پنجٽيهہ هزار چار سؤ آهي.
23 ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي پنجٽيهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
بني منسي جي ڀرسان بنيامين قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار جِدعوني جو پٽ ابيدان ٿئي.
سو افرائيم جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک اٺ هزار هڪ سؤ مرد آهن. اهي سڀ افرائيم جي خيميگاهہ جي نشان وارا ٽئين نمبر تي منزل پٽي هلن.
بني بنيامين جي نسلن جي مردن جو تعداد پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ هو.
انهيءَ ڏينهن بني بنيامين جيڪي ڳوٺن مان اچي گڏ ٿيا سي ڇويهہ هزار ماڻهو هئا، انهن سڀني کي تلوارون هيون. انهن کان سواءِ جِبعت جا رهاڪو پڻ هئا، جيڪي شمار ۾ ست سؤ چونڊ ماڻهو هئا.