Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 2:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ڏاکڻي پاسي روبن جي خيمي‌گاهہ جي نشان هيٺ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني روبن جو سردار شديور جو پٽ اليصور ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڏکڻ واري پاسي روبن جي منزلگاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ شديور جو پٽ اليصور، بني روبن جو سردار ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 2:10
8 Iomraidhean Croise  

يعقوب جي وڏي پٽ روبن جو اولاد هي آهي. جيتوڻيڪ روبن پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي سريت سان هم‌بستر ٿيڻ جي ڪري هو پنهنجو پهريتي هجڻ جو حق وڃائي ويٺو هو. سندس اهو حق سندس ڀاءُ يوسف جي اولاد کي ڏنو ويو هو.


جيڪي ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪندا تن جا نالا هي آهن: روبن قبيلي مان اليصور ولد شديور،


ان کان پوءِ بني روبن جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. شديور جو پٽ اليصور انهن جو سردار هو.


جڏهن ٻيو ڀيرو انهيءَ مان وڏي زور سان آواز ڪڍيو وڃي تڏهن خيمي‌گاهہ ۾ ڏکڻ پاسي وارا منزل‌انداز قبيلا منزل کڻي هلن. سو وڏي زور سان آواز منزل کڻي هلڻ لاءِ ڪڍيا ويندا.


انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ڇائيتاليهہ هزار پنج سؤ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan