Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 19:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيڪو ماڻهو پاڪ هجي سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري خيمي‌گاهہ جي ٻاهران ڪنهن پاڪ جاءِ تي رکي. اها بني اسرائيل لاءِ ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ ۾ استعمال ڪرڻ واسطي رکي رهي. اها رک ئي پاڪائيءَ جي لاءِ ڪم آندي وڃي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري، منزلگاهہ جي ٻاهران ڪنهن صاف هنڌ رکي، ۽ اها بني اسرائيل جي جماعت لاءِ، ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ واسطي رکي رهي: اها هڪڙي گناهہ جي قرباني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 19:9
16 Iomraidhean Croise  

ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ هوءَ جنهن بہ شيءِ تي سمهندي يا ويهندي سا ناپاڪ ٿيندي.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ٿو ڪري تہ اهو مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري. اهو ماڻهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ان جي مٿان نہ ڇٽڪاريو ويو آهي، انهيءَ ڪري هو ناپاڪ ئي رهندو.


اهڙي ناپاڪ ماڻهوءَ جي لاءِ انهيءَ ڳاڙهي گابيءَ، جيڪا پاڪائيءَ جي لاءِ ساڙي ويئي هئي، تنهن جي رک مان ڪجھہ کڻي هڪڙي ٿانوَ ۾ وڌي وڃي ۽ انهيءَ ۾ ڪجھہ وهندڙ پاڻي بہ وڌو وڃي.


پوءِ هڪڙو پاڪ ماڻهو زوفا جي ٽاري کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ۽ انهيءَ تنبوءَ تي، جيڪي ڪجھہ تنبوءَ ۾ هجي تنهن تي ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي ڇٽڪاري. اهو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ تي بہ ڇٽڪاريو وڃي جنهن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي هڏي کي، ڪنهن تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي، ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي يا ڪنهن قبر کي هٿ لاتو هجي.


اوهين اها آڻي اليعزر ڪاهن کي ڏيو. هو انهيءَ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪاهي وڃي ۽ اها هن جي روبرو ذبح ڪئي وڃي.


جنهن انهيءَ گابيءَ کي ساڙيو هجي سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. پر تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


هو وري ناذير ٿيڻ جا ڏينهن مقرر ڪري پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪري ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو هڪسالو گھيٽو آڻي. سندس اڳيان ڏينهن هاڻي وقف ٿيل ڏينهن جي حساب ۾ نہ ايندا، ڇو تہ اڳين وقف هجڻ وارن ڏينهن ۾ هو ناپاڪ ٿي پيو هو.


کين پاڪ ڪرڻ لاءِ انهن تي پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي ڇٽڪار ۽ کين چئُہ تہ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گھمائين ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئين. اهڙيءَ طرح هو پاڪ ٿي ويندا.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ هجي ۽ مسافريءَ ۾ بہ نہ هجي ۽ پوءِ بہ عيد فصح نہ ملهائي تہ اهڙي کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ مقرر ڪيل وقت تي هُن مون خداوند جي لاءِ نذرانو پيش نہ ڪيو آهي. اهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندو.


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


اي عزيزؤ! جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنهي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


ڏسو، اڳئين شرعي انتظام مطابق ٻڪرن جو رت، ڏاندن جو رت يا ساڙيل گابيءَ جي رک ناپاڪ ماڻهن تي ڇٽڪاري ويندي هئي، تہ جيئن اهي جسماني طور پاڪ صاف ٿي سگھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan