Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 19:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ناپاڪ ماڻهو جنهن بہ شيءِ کي ڇهندو سا ناپاڪ ٿيندي ۽ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ ناپاڪ ٿيل شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ۽ اهو ناپاڪ ماڻهو جنهن شيءِ کي ڇهندو سا شيءِ ناپاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪو ماڻهو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 19:22
21 Iomraidhean Croise  

خداوند موسيٰ ۽ هارون کي


جيڪڏهن ڪو اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو جا جريان واري جي هيٺان پيئي هئي، تہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو. جيڪڏهن ڪو اهڙيءَ شيءِ کي کڻندو تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.


جريان وارو ماڻهو پنهنجا هٿ ڌوئڻ کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي هٿ لائي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.


جيڪو بہ سندس پلنگ يا انهيءَ شيءِ کي ڇهندو جنهن تي هوءَ ويٺي هجي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


جيڪو بہ انهن شين کي ڇهندو سو ناپاڪ ٿيندو. سو اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.


جيڪو ماڻهو انهيءَ جي پلنگ کي ڇهندو،


يا انهيءَ شيءِ تي ويهندو جنهن تي جريان وارو ويٺو هو، تہ اهڙو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


جيڪو جريان واري ماڻهوءَ جي بدن کي ڇهندو، اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


جيڪڏهن جريان وارو ماڻهو ڪنهن پاڪ ماڻهوءَ تي ٿڪ اڇلائي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


يا جيڪڏهن هو ڪنهن اهڙي ناپاڪ جانور يا ماڻهوءَ کي ڇهي جنهن جي ڪري هو ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو جنهن بہ طرح ناپاڪ ٿيو هجي،


تہ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو. پر جيستائين هو نہ وهنجي تيستائين مخصوص قربانين مان نہ کائي.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو ڪنهن ناپاڪ جھنگلي جانور جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ ڍور جو يا وري ڪنهن ناپاڪ سرندڙ جيت جو، تڏهن بہ هو ڏوهاري ٿي چڪو.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن بہ قسم جي انساني غلاظت، جنهن سان هو پليت ٿئي ٿو، تنهن کي ڇهي ٿو، پوءِ جڏهن کيس اها ڳالهہ معلوم ٿيندي تڏهن هو ڏوهاري ٿيندو.


جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي سو هرگز نہ کائجي، بلڪ اهو ساڙي ڇڏجي. باقي جيڪو ٻيو گوشت آهي سو هر ڪو ماڻهو پاڪائيءَ سان ڀلي کائي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪ شيءِ انسان جي هجي يا جانور جي يا ٻي ڪا ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، تہ انهيءَ حالت ۾ جي هو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


پوءِ حجيءَ وري کانئن پڇيو تہ ”فرض ڪريو تہ ڪو ماڻهو ڪنهن مُڙدي کي ڇهڻ سان ناپاڪ ٿي پيو هجي تہ پوءِ جيڪڏهن هو کاڌي وارين انهن شين کي ڇهي تہ ڇا اهي ناپاڪ ٿي پونديون؟“ ڪاهنن وراڻيو تہ ”هائو، اهي ناپاڪ ٿي پونديون.“


پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. تنهن کان پوءِ هو ڀلي خيمي‌گاهہ ۾ اچي. پر تنهن هوندي بہ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan