Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 19:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پاڪ ماڻهو ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ ناپاڪ ماڻهوءَ تي اهو پاڻي ڇٽڪاري ۽ ستين ڏينهن هو انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. انهيءَ ڏينهن تي پاڪ ٿيڻ وارو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. تنهن کان پوءِ شام جو هو پاڪ ٿي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 اهو پاڪ ماڻهو ٽئين ڏينهن، ۽ ستين ڏينهن، انهيءَ ناپاڪ ماڻهو تي اهو ڇاٽاري، ۽ ستين ڏينهن هو انهي کي پاڪ ڪري؛ ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، پوءِ شام جو هو پاڪ ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 19:19
18 Iomraidhean Croise  

ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم جيڪو پورو ڪيو هئائين، تنهن کان فارغ ٿيو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”ماڻهن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ اهي اڄ ۽ سڀاڻي پاڻ کي پاڪ ڪن. هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن.


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


اهو هو ست دفعا چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض کان پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿان ڇٽڪاري ۽ انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. پوءِ هو انهيءَ جيئري پکيءَ کي کُليل ميدان ۾ اڏاري ڇڏي.


ستين ڏينهن هو پنهنجي مٿي جا سڀ وار، ڏاڙهي، ڀرؤن ۽ پنهنجي سڄي بدن جا باقي وار ڪوڙائي. پوءِ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو.


هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ رک واري پاڻيءَ سان صاف ڪري تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو. پر جيڪڏهن هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي صاف نہ ڪندو تہ پاڪ نہ ٿيندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ٿو ڪري تہ اهو مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري. اهو ماڻهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ان جي مٿان نہ ڇٽڪاريو ويو آهي، انهيءَ ڪري هو ناپاڪ ئي رهندو.


پوءِ هڪڙو پاڪ ماڻهو زوفا جي ٽاري کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ۽ انهيءَ تنبوءَ تي، جيڪي ڪجھہ تنبوءَ ۾ هجي تنهن تي ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي ڇٽڪاري. اهو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ تي بہ ڇٽڪاريو وڃي جنهن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي هڏي کي، ڪنهن تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي، ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي يا ڪنهن قبر کي هٿ لاتو هجي.


اوهان مان اهي سڀ جن ڪنهن کي ماريو هجي يا ڪنهن لاش کي هٿ لاتو هجي، سي ست ڏينهن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر رهن. اهي ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي پاڻ کي ۽ قيدياڻين کي پاڪ ڪن.


ستين ڏينهن تي اوهين پنهنجا ڪپڙا ڌوئو، پوءِ اوهين پاڪ ٿيندا. تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي خيمي‌گاهہ ۾ داخل ٿجو.“


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


ڪن کي باهہ جي سزا ۾ پوڻ کان ڇڪي ڪڍي بچائجو، جڏهن تہ ڪن تي رحم ڪجو پر خوف رکندي سندن بڇڙن ڪمن کان پاسو ڪجو، ايتري قدر جو سندن پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan