Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 19:17 - Muslim Sindhi Bible

17 اهڙي ناپاڪ ماڻهوءَ جي لاءِ انهيءَ ڳاڙهي گابيءَ، جيڪا پاڪائيءَ جي لاءِ ساڙي ويئي هئي، تنهن جي رک مان ڪجھہ کڻي هڪڙي ٿانوَ ۾ وڌي وڃي ۽ انهيءَ ۾ ڪجھہ وهندڙ پاڻي بہ وڌو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ هيئن ڪرڻ گهرجي تہ اها گناهہ جي قرباني، جا ساڙي ويئي، تنهن جي رک مان ڪجهہ کڻي هڪڙي ٿانو ۾ وجهي ۽ انهي تي چشمي جو پاڻي وجهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 19:17
11 Iomraidhean Croise  

اسحاق جي نوڪرن انهيءَ برساتي نهر ۾ کوٽائي پئي ڪئي تہ کين اتان هڪ وهندڙ پاڻيءَ جو چشمو مليو.


تون باغن کي پاڻي ڏيندڙ هڪ اهڙي چشمي وانگر آهين، جنهن مان هميشہ تازو ۽ مٺو پاڻي نڪري ٿو. تون وهندڙ پاڻيءَ جي نهر آهين، جيڪا لبنان جي جبلن تان هيٺ ٿي وهي.


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.


پوءِ هڪڙو پاڪ ماڻهو زوفا جي ٽاري کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ۽ انهيءَ تنبوءَ تي، جيڪي ڪجھہ تنبوءَ ۾ هجي تنهن تي ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي ڇٽڪاري. اهو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ تي بہ ڇٽڪاريو وڃي جنهن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي هڏي کي، ڪنهن تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي، ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي يا ڪنهن قبر کي هٿ لاتو هجي.


جيڪو ماڻهو پاڪ هجي سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري خيمي‌گاهہ جي ٻاهران ڪنهن پاڪ جاءِ تي رکي. اها بني اسرائيل لاءِ ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ ۾ استعمال ڪرڻ واسطي رکي رهي. اها رک ئي پاڪائيءَ جي لاءِ ڪم آندي وڃي ٿي.


۽ هر اُها شيءِ جيڪا باهہ ۾ سڙي نہ وڃي، سا باهہ مان لنگھائجي تہ پاڪ ٿي ويندي. تڏهن بہ اها ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ سان پڻ ضرور پاڪ ڪئي وڃي. پر هر اُها شيءِ جيڪا باهہ ۾ سڙڻ جهڙي هجي سا رڳو انهيءَ پاڻيءَ سان پاڪ ڪئي وڃي.


هائو، جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو، تنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’انهيءَ جي اندر مان زندگي ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون وهنديون رهنديون.‘“


ڏسو، اڳئين شرعي انتظام مطابق ٻڪرن جو رت، ڏاندن جو رت يا ساڙيل گابيءَ جي رک ناپاڪ ماڻهن تي ڇٽڪاري ويندي هئي، تہ جيئن اهي جسماني طور پاڪ صاف ٿي سگھن.


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan