15 تنبوءَ ۾ سڀڪو کُليل ٿانءُ جنهن مٿان ڍڪ نہ هوندو سو بہ ناپاڪ ٿيندو.
15 ۽ سڀڪو کليل ٿانءُ، جنهن جي مٿان ڍڪ نہ هجي، سو ناپاڪ ٿيندو.
اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا سا ناپاڪ ٿيندي، پوءِ کڻي اها ڪاٺ جي هجي يا ڪپڙي جي، کل جي هجي يا کٿي جي، مطلب تہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙي بہ شيءِ هجي انهيءَ کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ گھرجي. شام تائين اها ناپاڪ رهندي، پوءِ پاڪ ٿي ويندي.
جيڪڏهن انهن مان ڪو مئل جيت ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ ۾ ڪري پوي تہ انهيءَ ۾ جيڪي بہ پيل هوندو سو ناپاڪ ٿيندو ۽ اهو ٿانءُ اوهين ڀڃي ڇڏجو.
تنهن تي ڪاهن حڪم ڪري تہ انهيءَ مرض کي ڏسڻ لاءِ سندس اتي وڃڻ کان اڳ ۾ اهو گھر بلڪل خالي ڪري ڇڏين، انهيءَ لاءِ تہ گھر ۾ موجود سامان ناپاڪ قرار نہ ڏنو وڃي. ان کان پوءِ ڪاهن گھر کي ڏسڻ لاءِ وڃي
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن تنبوءَ ۾ مري وڃي تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ وقت تنبوءَ ۾ هوندو يا ٻاهران تنبوءَ ۾ گھڙي ايندو سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.
جيڪڏهن ڪو جھنگ ۾ تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي يا پنهنجي موت مئل ماڻهوءَ جي لاش کي، يا ڪنهن ماڻهوءَ جي هڏي کي يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.
اوهين پنهنجن سڀني ڪپڙن کي ۽ انهن سڀني شين کي جيڪي چمڙي، ڏاس ۽ ڪاٺ مان ٺهيل هجن پڻ پاڪ ڪريو.“