اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.
هارون جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض يا جريان جي مرض وارو هجي، تہ اهو جيستائين پاڪ نہ ٿئي تيستائين انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪاهن آهي جو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهي جيڪا ڪنهن مُڙدي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا ڪاهن انزال ٿيو هجي،
جيڪڏهن ڪو جھنگ ۾ تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي يا پنهنجي موت مئل ماڻهوءَ جي لاش کي، يا ڪنهن ماڻهوءَ جي هڏي کي يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.
اوهان مان اهي سڀ جن ڪنهن کي ماريو هجي يا ڪنهن لاش کي هٿ لاتو هجي، سي ست ڏينهن خيميگاهہ کان ٻاهر رهن. اهي ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي پاڻ کي ۽ قيدياڻين کي پاڪ ڪن.
”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر انهيءَ ماڻهوءَ جنهن کي چمڙيءَ جي بيماري هجي، جنهن جي جسم اندران ڪجھہ وهي نڪتو هجي ۽ جيڪو مُڙدي کي ڇهڻ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي خيميگاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين.
”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪڏهن اوهان مان يا اوهان جي اولاد مان ڪي ماڻهو مُڙدي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿي پون، يا ڪنهن ڏورانهين مسافريءَ ۾ هجن، تہ بہ هو مون خداوند جي لاءِ عيد فصح ملهائين.
تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بيعيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.