ڳاڻاٽو 18:9 - Muslim Sindhi Bible9 جيڪو حصو مون لاءِ ئي مخصوص قربانين مان قربانگاهہ تي نہ سڙيو هجي سو اوهان جو ٿيندو، يعني اهي سموريون مون لاءِ ئي مخصوص قربانيون جيڪي هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، چاهي اناج جي قرباني، پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني هجي، تن مان اهو حصو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو ٿيندو. Faic an caibideilSindhi Bible9 جيڪي شيون تمام پاڪ آهن، تن مان جيڪو باهہ کان بچايو ويندو سو تنهنجو ٿيندو: ۽ هنن جو هرڪو نذرانو، يعني هنن جي هرڪا کاڌي جي قرباني، ۽ هرڪا گناهہ جي قرباني، جا هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، سا تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجن پٽن جي لاءِ تمام پاڪ ٿيندي. Faic an caibideil |
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.