Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 18:8 - Muslim Sindhi Bible

8 خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ تو کي اُهي سڀ شيون ڏيان ٿو جيڪي مون آڏو مخصوص قربانين طور پيش ڪيون ويون آهن. مون اهي تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڪاهنيءَ جو حق ڪري ڏنيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ ڏس، مون پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون تنهنجي حوالي ڪيون آهن، يعني بني اسرائيل جون سڀ پاڪ شيون توکي ڏنيون اٿم: مسح ڪرڻ جي ڪري مون اهي تو کي، ۽ تنهنجن پٽن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 18:8
32 Iomraidhean Croise  

قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جا پئسا پيتيءَ ۾ نہ وڌا ويندا هئا. پر اهي پئسا ڪاهنن جي ملڪيت هوندا هئا.


تنهن کان سواءِ هن يروشلم جي رهاڪن کي حڪم ڏنو تہ اهي ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ پنهنجي ملڪيت مان مقرر ٿيل حصو ڏيندا رهن تہ جيئن اهي پاڻ کي پوريءَ طرح شريعت موجب خداوند جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏين.


انهيءَ حڪم جي جاري ٿيڻ سان ئي يروشلم جي ڪيترن ئي پنهنجي اناج، مئي، زيتون جي تيل، ماکيءَ ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيداوار مان پهريتي پيداوار جو ڏهون حصو گھڻي انداز ۾ آڻي ڏنو.


جڏهن بہ هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿين، يا انهيءَ جي اڱڻ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قربان‌گاهہ جي ويجھو وڃن، تڏهن اهي سندن بدن تي هجن، تہ متان ائين نہ ٿئي جو هو ڏوهاري قرار ڏنا وڃن ۽ مري پون. اهو قانون هارون ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد لاءِ هميشہ تائين قائم رهندو.“


قربان‌گاهہ تي پيل رت مان ۽ مسح ڪرڻ واري تيل مان ڪجھہ کڻي هارون تي ۽ سندس خاص پوشاڪ تي ۽ ان سان گڏ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪ تي ڇٽڪاري ڇڏج. اهڙيءَ طرح هارون پنهنجي پوشاڪ سميت ۽ ساڻس گڏ هن جا پٽ پنهنجي پنهنجي پوشاڪ سميت مخصوص ٿي ويندا.


هن ڪري جو اهو بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ ڪاهنن جو حق ٿئي. سو بني اسرائيل جي طرفان اهو سندن سلامتيءَ جي قربانين مان خاص قرباني ٿيندو، جيڪو سندن طرفان مون خداوند لاءِ آهي.


هارون جي خاص پوشاڪ کانئس پوءِ سندس پٽن جي ٿيندي، انهيءَ لاءِ تہ ان ۾ ئي کين مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.


تون هارون کي خاص پوشاڪ ڍڪائج. کيس مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪري.


تون انهن کي بہ سندن پيءُ وانگر مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪن. سندن اهو مسح ٿيڻ هنن جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ ڪاهنيءَ جي نشاني ٿيندي.“


جڏهن اهو وقت ايندو تہ آءٌ اشور جو بار اوهان جي ڪلهن تان لاهي ڦٽو ڪندس. هائو، اوهان جي ڳچيءَ مان سندن ظلم جي پاڃاري ڀڃي ٽڪرا ڪري ڇڏيندس.“ دشمن لشڪر وارن رمون جي ٽڪر وٽان ٿيندي


جيڪو پنهنجي ڀائرن ۾ سردار ڪاهن هجي، جنهن جي مٿي تي مسح ڪرڻ جو تيل پئٽي پاڪ پوشاڪ پائڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هجيس، سو ڪنهن جي مرڻ تي پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙي، نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي


ڪاهن انهن ٻنهي گھيٽن کي پهرئين پيداوار جي روٽن سان گڏ مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪري پيش ڪري. اهي ڪاهن جو حصو آهن جيڪي مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهن.


جيڪي انهيءَ مان باقي بچي سو هارون ۽ سندس پٽ خمير ملائڻ کان سواءِ مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي پچائي کائين.


هارون جي اولاد مان رڳو مرد ماڻهو اهو کائين. اوهان جي سڀني پيڙهين ۾، مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين ۾ اهو هنن جو هميشہ جي لاءِ حق آهي. جيڪو انهن قربانين کي ڇهي سو ضرور مخصوص ٿيل هجي.“


”جنهن ڏينهن هارون جي اولاد مان ڪنهن کي ڪاهن ٿيڻ لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي تنهن ڏينهن اهو مون خداوند جي حضور ۾ باقاعدي اناج جي قربانيءَ طور هڪ ڪلوگرام ميدو آڻي، جنهن مان اڌ صبح جو ۽ اڌ شام جو هن ريت پيش ڪيو وڃي.


جيڪو ڪاهن اها قرباني پيش ڪري ٿو سو اها مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي کائي.


اهو ماڻهو هر ڪنهن منجھان هڪڙي هڪڙي ماني کڻي هڪ خاص قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري، اها انهيءَ ڪاهن جي ٿيندي جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريندو.


ڪاهنن جي گھراڻن جا رڳو مرد انهيءَ مان کائين. پر اها مخصوص جاءِ تي ئي کائجي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ ئي مخصوص آهي.


ان بعد موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان ۽ قربان‌گاهہ تي پيل رت مان ڪجھہ کڻي هارون ۽ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪن تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن هارون ۽ سندس پٽن ۽ انهن جي خاص پوشاڪن کي مخصوص ڪيو.


جيڪو حصو مون لاءِ ئي مخصوص قربانين مان قربان‌گاهہ تي نہ سڙيو هجي سو اوهان جو ٿيندو، يعني اهي سموريون مون لاءِ ئي مخصوص قربانيون جيڪي هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، چاهي اناج جي قرباني، پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني هجي، تن مان اهو حصو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو ٿيندو.


بني اسرائيل جيڪي شيون مون لاءِ مخصوص ڪري ڪاهن وٽ آڻين، سي سڀ ڪاهن جون ٿينديون.


اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان‌گاهہ جا خدمتگار آهن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


اُتي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا ۽ پنهنجا ڏهان حصا، پنهنجيون باسون ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون ۽ پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا پيش ڪجو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ڪاهنن جي سڄي قبيلي يعني لاويءَ کي بني اسرائيل سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ ملندو. انهيءَ جي بدران اهي خداوند جي ميراث يعني ساڙيون ويندڙ قربانيون ۽ نذرانا کائيندا.


پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي هيئن چئجو تہ ’جيڪي حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب مون مخصوص ڏهون حصو پنهنجي گھر مان ڪڍي اهو پاڻ وٽ رهندڙ لاوين، ڌارين، يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ڏنو آهي. مون تنهنجي ڪنهن بہ حڪم کان منهن نہ موڙيو آهي، نڪي اهي وساري ڇڏيا اٿم.


تو سچائيءَ سان محبت، ۽ شريعت جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي خدا تو کي بيحد خوشيءَ واري نعمت سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“


پر اوهان تي پاڪ هستيءَ پنهنجو روح نازل ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan