Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 18:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر رڳو تون ۽ تنهنجا پٽ ئي ڪهانت واريون ذميواريون پوريون ڪجو، جيڪي قربان‌گاهہ لاءِ ۽ پردي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ ادا ڪرڻيون آهن. آءٌ ڪهانت جي خدمت جو شرف اوهان کي بخشيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مخصوص شين جي ويجھو ايندو تہ اُهو ماريو ويندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 18:7
28 Iomraidhean Croise  

اي بني اسرائيل جا ڪاهنؤ! اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، اهو ئي اوهان جو مددگار ۽ اوهان جو محافظ آهي.


”تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ جيئن اُهي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي چيلهہ سان پٽا ٻڌج ۽ ٽوپيون پارائج. اهڙيءَ طرح تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪري ڇڏج، تہ جيئن کين ڪهانت جو هميشہ جي لاءِ حق حاصل ٿئي.


خداوند خدا فرمايو تہ ”لاوي قبيلي مان صدوق ڪاهن جي نسل وارا ئي ڪاهن جي حيثيت ۾ منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ منهنجي ويجھو ايندا. اهي ئي منهنجي حضور ۾ حاضر رهي قربانين جي چرٻي ۽ رت پيش ڪندا، ڇاڪاڻ تہ جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، تڏهن اهي ئي منهنجي مقدس هيڪل جي وفاداريءَ سان سار سنڀال ڪندا رهيا.


رڳو اهي ئي منهنجي هيڪل جي عمارت ۾ داخل ٿيندا، منهنجي قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪندا ۽ هيڪل اندر منهنجي لاءِ مقرر ڪيل ڪم پورا ڪندا.


اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت جون سڀيئي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ صحيح بندوبست نہ ڪيو. پر انهيءَ جي بجاءِ اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت لاءِ غير واسطيدار ماڻهن کي مقرر ڪيو آهي.


”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان.


اهو آهي خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان هارون ۽ سندس پٽن جو حصو، جيڪو انهيءَ ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو جنهن ڏينهن کين ڪهانت جي عهدي تي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو ويو هو.


جڏهن مقدس خيمو اڳتي وڃڻو هجي تہ لاوي انهيءَ کي لاهين ۽ وري جڏهن کڙو ڪرڻو هجي تہ اهي ئي کڙو ڪن. جيڪو بہ ٻيو ماڻهو انهيءَ جي ويجھو ايندو، سو ماريو ويندو.


اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي نشاني هئي تہ جيئن ڪوبہ ماڻهو جيڪو هارون جي اولاد مان نہ هجي سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي. ٻيءَ حالت ۾ ان جو حال بہ قورح ۽ سندس ٽولي جهڙو ٿيندو. جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت اليعزر کي فرمايو هو تهڙيءَ ئي طرح سڀ ڪجھہ ڪيو ويو.


خداوند هارون کي فرمايو تہ ”اوهان ڪاهنن کي ڪابہ ملڪيت ورثي ۾ نہ ملندي ۽ اوهان کي بني اسرائيل جي ملڪ مان ڪوبہ حصو نہ ڏنو ويندو. آءٌ خداوند ئي اوهان جي لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان.“


هو تنهنجي مدد ڪن ۽ سڄي خيمي جي سنڀال ڪن. پر هو مقدس خيمي جي مخصوص شين ۽ قربان‌گاهہ جي ويجھو نہ اچن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي مري نہ وڃن ۽ انهن سان گڏ اوهين بہ مري وڃو.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جا فرض بجا آڻيندا رهن. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي تہ ان کي ماريو وڃي.“


موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي خدا سان ملاقات واري خيمي جي سامهون اوڀر طرف پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا. مقدس جاءِ جي سنڀال بني اسرائيل جي پاران انهن جي ئي ذمي هئي. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي ها تہ ان کي مارڻو هو.


بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.


تنهن تي يحيٰ جواب ڏنو تہ ”ڪوبہ ماڻهو تيستائين ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي، جيستائين کيس عرش عظيم مان نہ ڏنو وڃي.


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


هنن کي سندن بني اسرائيل قوم وارن سان گڏ ٻي ڪابہ ميراث ڪونہ ملندي، ڇو تہ خداوند کي ڏنل نذرانن مان ڪجھہ حصو سندن ميراث آهي، جيئن هن کين فرمايو آهي.


عزت وارو اهو عهدو ڪوبہ ماڻهو پنهنجو پاڻ حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين خدا کيس هارون نالي پهرئين سردار ڪاهن وانگر نہ چونڊي.


پر لاوين کي اوهان سان گڏ حصو نہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي. ان کان علاوہ جد، روبن ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي پنهنجو ورثو اردن درياءَ جي هن ڀر اوڀر طرف اڳي ئي ملي چڪو آهي. خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين اهو ڏنو هو.“


خدا جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي نگهباني ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن خدا چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري.


جيڪو ڌڻ اوهان جي حوالي ڪيو ويو آهي تنهن تي حڪم نہ هلايو، بلڪ انهيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي هڪ نمونو بڻايو.


ڇا بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، پنهنجي قربان‌گاهہ جي خدمت لاءِ، لوبان ساڙڻ لاءِ ۽ پنهنجي حضور ۾ مذهبي وڳو پهرڻ لاءِ چونڊي نہ ڪڍيو هو؟ ڇا بني اسرائيل جون سموريون ساڙيون ويندڙ قربانيون مون تنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي کي نہ ڏنيون هيون؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan