Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 18:32 - Muslim Sindhi Bible

32 جڏهن اوهين انهيءَ مان بهترين حصو مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندءُ تہ اوهان تي ڪوبہ گناهہ نہ ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل جي مخصوص نذرانن مان اهو حصو پاڻ کڻي انهن نذرانن کي ناپاڪ ڪندا تہ اوهين مري ويندا.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

32 ۽ جڏهن اوهان انهيءَ مان تمام چڱو حصو مٿي کنيو آهي، تڏهن انهي جي ڪري اوهان تي گناهہ نہ رهندو: سو اوهين بني اسرائيل جي پاڪ شين کي ناپاڪ نہ ڪجو، تہ مري نہ پئو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 18:32
10 Iomraidhean Croise  

جڏهن بہ هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿين، يا انهيءَ جي اڱڻ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قربان‌گاهہ جي ويجھو وڃن، تڏهن اهي سندن بدن تي هجن، تہ متان ائين نہ ٿئي جو هو ڏوهاري قرار ڏنا وڃن ۽ مري پون. اهو قانون هارون ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد لاءِ هميشہ تائين قائم رهندو.“


جيڪو بہ اهو کائيندو سو پنهنجي سر تي گناهہ کڻندو، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيل شيءِ جي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


”تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ جيڪي مخصوص قربانيون بني اسرائيل جا ماڻهو منهنجي لاءِ وقف ڪن ٿا تن کي هو احتياط سان هٿ لائين، تان‌تہ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي نہ ٿئي. آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي ناپاڪ نذرانا ٿا پيش ڪريو. تنهن هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ’اسان ڪهڙيءَ طرح تنهنجي گستاخي ڪئي آهي؟‘ اوهين مون خداوند جي قربان‌گاهہ کي حقير ڄاڻي منهنجي بي‌ادبي ٿا ڪريو.


اڳتي ٻيا بني اسرائيل مون سان ملاقات واري خيمي جي ويجھو نہ اچن، نہ تہ پاڻ تي گناهہ کڻي انهيءَ جي سزا ۾ مري ويندا.


اهو اوهين ۽ اوهان جا گھراڻا ڀلي هر ڪنهن هنڌ وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي انهيءَ خدمت جو معاوضو آهي جا اوهين مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪريو ٿا.


خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ


تنهنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور خداوند عيسيٰ جي ماني کائيندو ۽ سندس پيالو پيئندو، سو خداوند عيسيٰ جي بدن ۽ رت جي نسبت ۾ سندس گنهگار قرار ڏنو ويندو.


ياد رکو، جيڪو شخص اها ماني کائڻ ۽ اهو پيالو پيئڻ وقت خداوند عيسيٰ جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انهيءَ کائڻ پيئڻ ۾ گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿو بڻجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan