Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 18:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هو تنهنجي مدد ڪن ۽ سڄي خيمي جي سنڀال ڪن. پر هو مقدس خيمي جي مخصوص شين ۽ قربان‌گاهہ جي ويجھو نہ اچن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي مري نہ وڃن ۽ انهن سان گڏ اوهين بہ مري وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ اهي تنهنجي شين جي، ۽ ساري تنبوءَ جي حفاظت ڪن: رڳو پاڪ مڪان جي ٿانون ۽ قربانگاهہ جي ويجهو نہ اچن، متان اهي ۽ اوهين مري وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 18:3
12 Iomraidhean Croise  

اها سزا هيءَ آهي جو آئيندہ اهي ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ نہ اچن، نڪي هو منهنجي هيڪل ۾ پاڪ توڙي پاڪ ترين شيون جيڪي مون خداوند لاءِ مخصوص آهن، تن جي ويجھو اچن. اهڙيءَ طرح اهي سندن بڇڙائيءَ ۽ ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري ذليل وَ خوار ٿيندا. اها ئي انهن لاءِ سزا آهي.


جڏهن مقدس خيمو اڳتي وڃڻو هجي تہ لاوي انهيءَ کي لاهين ۽ وري جڏهن کڙو ڪرڻو هجي تہ اهي ئي کڙو ڪن. جيڪو بہ ٻيو ماڻهو انهيءَ جي ويجھو ايندو، سو ماريو ويندو.


پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“


اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي نشاني هئي تہ جيئن ڪوبہ ماڻهو جيڪو هارون جي اولاد مان نہ هجي سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي. ٻيءَ حالت ۾ ان جو حال بہ قورح ۽ سندس ٽولي جهڙو ٿيندو. جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت اليعزر کي فرمايو هو تهڙيءَ ئي طرح سڀ ڪجھہ ڪيو ويو.


اُهي تو سان ڪم ۾ شريڪ ٿين ۽ مقدس خيمي جي سنڀال ۽ سڀڪا خدمت ڪن، پر ٻيو ڪوبہ اوهان سان گڏ ڪم نہ ڪري.


پر رڳو تون ۽ تنهنجا پٽ ئي ڪهانت واريون ذميواريون پوريون ڪجو، جيڪي قربان‌گاهہ لاءِ ۽ پردي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ ادا ڪرڻيون آهن. آءٌ ڪهانت جي خدمت جو شرف اوهان کي بخشيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مخصوص شين جي ويجھو ايندو تہ اُهو ماريو ويندو.“


خدا سان ملاقات واري خيمي جي قنات ۽ پال، انهيءَ جا مٿيان غلاف ۽ انهيءَ جي در جو پردو، اهي سڀ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.


عهد واري صندوق، ميز، شمعدان، ٻئي قربان‌گاهون، مقدس جاءِ جا ٿانوَ جيڪي خدمت ڪرڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، مقدس ترين جاءِ جو پردو ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.


مقدس خيمي جا فريم، انهن جا گز، ٿنڀا، پاوا، سڀ اوزار ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.


باقي قوم واري اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ ڍورن ڍڳن مان، گڏهن مان خواهہ رڍن ٻڪرين مان وٺي لاوين کي ڏي، جيڪي مون خداوند جي خيمي‌گاهہ جي سنڀال ٿا ڪن.“


جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan