Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 18:26 - Muslim Sindhi Bible

26 ”تون لاوين کي هي بہ چئُہ تہ ’جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جيڪو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين مون خداوند جي لاءِ خاص نذراني طور انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 لاوين کي هيترو بہ وڌيڪ چئُہ تہ جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قربانيءَ واسطي، انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 18:26
7 Iomraidhean Croise  

هارون جي اولاد مان هڪ ڪاهن ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت لاوين سان گڏ هوندو ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو اسان جي خدا جي هيڪل جي گدام ۾ گڏ ڪندا.


بني لاوي يا ٻيا بني اسرائيل نذراني طور مليل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جي پهرين پيداوار کي گدامن ۾ کڻي ايندا، جتي هيڪل جا ٿانوَ رکيل آهن ۽ جتي خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، دربان ۽ ڳائڻا رهندا آهن. اسين پنهنجي خدا جي هيڪل کي ڇڏي نہ ڏينداسون.“


اوهين پيڙهي بہ پيڙهي پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان ماني پچائي مون خداوند واسطي اهو نذرانو پيش ڪندا رهجو.“


خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”بني لاوي جيڪا خدمت مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون کين اهي سڀ ڏهان حصا ورثي طور ڏنا آهن جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا آهن.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


اوهان جو اهو نذرانو ان ۽ مئي جي پهرين پيداوار جي قربانيءَ جي برابر سمجھيو ويندو.


لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي شريعت موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابراهيم جي نسل مان ئي آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan