Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 18:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جڏهن انهيءَ مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ تون ۽ تنهنجا پٽ خدمت ڪندا هجو، تڏهن تون پنهنجي مائٽن يعني اباڻي لاوي قبيلي وارن کي پاڻ سان گڏ آڻيندو ڪر تہ جيئن اهي تنهنجي خدمت ڪندا رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ تون لاويءَ جي قبيلي وارن پنهنجن ڀائرن کي، يعني پنهنجي پيءُ جي قبيلي کي بہ آڻي پاڻ سان گڏ ڪر، تہ اهي بہ تو سان شامل ٿين، ۽ تنهنجي خدمت ڪن؛ پر تون، ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ شاهديءَ واري تنبوءَ جي اڳيان حاضر رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 18:2
16 Iomraidhean Croise  

هڪ دفعو وري هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ هڪڙو ٻيو پٽ ڄايس. هن چيو تہ ”هاڻي هن ڀيري منهنجي مڙس جي مون سان گھڻي دل لڳندي، ڇو تہ مون کي انهيءَ مان ٽي پٽ ڄاوا آهن.“ تنهنڪري انهيءَ پٽ جو نالو لاوي رکيائين.


هر هڪ ڪاهن ۽ لاوي خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجن پنهنجن مقرر ڪيل ڪمن کي لڳي ويو. ڪاهنن لاوين جي هٿان قربانين جو رت وٺي قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو.


انهيءَ هوندي بہ هو مقرر حد تائين منهنجي مقدس هيڪل جا خدمتگار ٿي رهندا. هو هيڪل جي لنگھن جي نگهباني ڪندا ۽ هيڪل جي خدمت چاڪريءَ جو ڪم بہ ڪندا. هو ماڻهن جي پاران ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون بہ ڪهندا ۽ انهن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ هيڪل وٽ حاضر رهندا.


خداوند خدا فرمايو تہ ”لاوي قبيلي مان صدوق ڪاهن جي نسل وارا ئي ڪاهن جي حيثيت ۾ منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ منهنجي ويجھو ايندا. اهي ئي منهنجي حضور ۾ حاضر رهي قربانين جي چرٻي ۽ رت پيش ڪندا، ڇاڪاڻ تہ جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، تڏهن اهي ئي منهنجي مقدس هيڪل جي وفاداريءَ سان سار سنڀال ڪندا رهيا.


پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون اهو حڪم اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏنو هو تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو تہ جيئن منهنجو عهد اوهان لاويءَ جي گھراڻي وارن سان قائم رهي.


پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“


اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي نشاني هئي تہ جيئن ڪوبہ ماڻهو جيڪو هارون جي اولاد مان نہ هجي سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي. ٻيءَ حالت ۾ ان جو حال بہ قورح ۽ سندس ٽولي جهڙو ٿيندو. جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت اليعزر کي فرمايو هو تهڙيءَ ئي طرح سڀ ڪجھہ ڪيو ويو.


موسيٰ پوءِ اهي لٺيون مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن اندر خداوند جي حضور ۾ آڻي رکيون.


اُهي تو سان ڪم ۾ شريڪ ٿين ۽ مقدس خيمي جي سنڀال ۽ سڀڪا خدمت ڪن، پر ٻيو ڪوبہ اوهان سان گڏ ڪم نہ ڪري.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.


بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني اسرائيل جي جاءِ تي خدمت ڪن ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندا رهن، تان‌تہ جڏهن بني اسرائيل مقدس خيمي جي ويجھو اچن تہ مٿن مصيبت نہ ڪڙڪي.“


لاوين سان ائين ئي ڪيو ويو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. تنهن کان پوءِ لاوي خدمت ڪرڻ لاءِ هارون ۽ سندس پٽن جي نگرانيءَ ۾ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيا.


جيئن تہ انهن شين جو اهڙو انتظام ٿيل هو، سو مقدس خيمي جي پهرئين ڪمري ۾ ڪاهن خدمت ڪرڻ لاءِ ڪنهن بہ وقت داخل ٿيندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan