Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 18:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اُهي ٻار جڏهن هڪ مهيني جا ٿين تہ انهن جي عيوضي جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا پنج سڪا جنهن ۾ سٺ گرام ٿين ٿا، وٺي کين ڇڏي ڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 انهن مان جن جو عيوضو ڏيڻو آهي، سي جڏهن هڪ مهيني جا ٿين، تڏهن انهن کان تنهنجي ٺهرايل انداز موجب، عبادتگاهہ جو مشقال، جنهن ۾ ويهہ جيراہ ٿا ٿين، اهڙا پنج مشقال وٺج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 18:16
9 Iomraidhean Croise  

هر هڪ مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور جي حساب سان اڌ سڪو مون خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.


تفصيل مطابق اهو سمورو سون جيڪو مقدس خيمي جي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ خداوند کي نذر ڪيو ويو هو، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ هزار ڪلوگرام هو.


مقرر ڪيل وزن وارا ماپا هن طرح هجن: 20 جيرہ برابر 1 شيڪل 60 شيڪل برابر 1 مانہ.


اهي سموريون قيمتون عبادت‌گاهہ جي سڪي موجب مقرر ٿينديون. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.


هر پهريتو ٻار يا جانور، جيڪو بني اسرائيل مون خداوند جي لاءِ نذر ڪندا سو تنهنجو ٿيندو. پر تون پهريتن ٻارن لاءِ عيوضو وٺي کين ڇڏي ڏي ۽ ناپاڪ جانور جي پهريتي ڦر لاءِ بہ عيوضو وٺ.


پر ڳئون، رڍ ۽ ٻڪريءَ جي پهريتن ڦرن جو تون عيوضو نہ وٺ، اهي مخصوص آهن. اهي قربان ڪيا وڃن ۽ انهن جو رت تون قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري ڇڏ ۽ انهن جي چرٻي قربانيءَ طور ساڙي ڇڏ تہ مون خداوند لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي.


بني اسرائيل جي پهريتن پٽن ۾ جيڪي ٻہ سؤ ٽيهتر ڄڻا لاوين جي تعداد کان وڌيڪ آهن، تن جي عيوض رقم وٺي کين ڇڏي ڏي.


تون انهن کان هر هڪ لاءِ عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق پنج چانديءَ جا سڪا وٺ. هڪڙي چانديءَ جي سڪي جي تور اٽڪل ٻارهن گرام آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan