Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 18:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هر پهريتو ٻار يا جانور، جيڪو بني اسرائيل مون خداوند جي لاءِ نذر ڪندا سو تنهنجو ٿيندو. پر تون پهريتن ٻارن لاءِ عيوضو وٺي کين ڇڏي ڏي ۽ ناپاڪ جانور جي پهريتي ڦر لاءِ بہ عيوضو وٺ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 سڀني جاندارن مان پيٽ جو پهريون ڦل، جنهن کي اهي خداوند جي لاءِ نذر ڪندا، سو تنهنجو ٿيندو، پوءِ اهو انسان جو هجي توڙي حيوان جو: پر تون انسان جي پهرين ڄاولن لاءِ عيوضو وٺي اُنهن کي ڇڏي ڏج، ۽ ناپاڪ حيوانن جي پهرين ڄاولن جو بہ تون عيوضو وٺج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 18:15
12 Iomraidhean Croise  

پوءِ اهي پئسا ڀلي جيڪو بہ ڪاهن وصول ڪري، سو انهن مان خداوند جي هيڪل ۾ جتي جتي بہ ڀڳ‌ٽٽ نظر اچي ان جي مرمت ڪرائي.“


انهيءَ کان سواءِ اسين پنهنجي فصل مان پهرئين اٽي جو ڳوهيل چاڻو، پنهنجي وڻن جو پهريون ميوو ۽ پنهنجي تيار ڪيل پهرين مئي ۽ زيتون مان نڪتل پهريون تيل پنهنجي نذراني طور ڪاهنن وٽ پنهنجي خداوند جي هيڪل جي گدام ۾ رکڻ لاءِ آڻينداسون. اسين پنهنجي زمين جي پيداوار جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسون، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي اسان جي پوک وارين ٻنين جي پيداوار جو ڏهون حصو گڏ ڪندا آهن.


جڏهن فرعون جي دل سخت هئي ۽ هن اسان کي وڃڻ نہ ٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ ماڻهن توڙي چوپائي مال جي سڀني پهريتن نر ٻچن کي ماري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو اسين چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي قربان ڪريون ٿا. پر پنهنجن پهريتن پٽن جي بدران عيوضو ڏيون ٿا.


”بني اسرائيل ۾ جيڪي پهريتا پٽ ڄمن، سي سڀ منهنجي لاءِ وقف ڪج. ماڻهن جا پهريتا پٽ توڙي جانورن جا پهريتا نر ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.“


اوهين پنهنجي فصل ۽ ميون جي رس مان مون کي نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪجو. اوهين پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏجو.


اوهين گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوض ۾ هڪڙو گھيٽو يا ڇيلو ڏجو. جيڪڏهن اوهان انهيءَ جو عيوض ڏيڻ نہ چاهيو تہ پوءِ انهيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏجو. پر اوهين پنهنجن سڀني پهريتن پٽن جو عيوض ضرور ڏجو. ڪوبہ مون وٽ خالي هٿين نہ اچي.


اُهي ٻار جڏهن هڪ مهيني جا ٿين تہ انهن جي عيوضي جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا پنج سڪا جنهن ۾ سٺ گرام ٿين ٿا، وٺي کين ڇڏي ڏي.


بني اسرائيل جي پهريتن پٽن ۾ جيڪي ٻہ سؤ ٽيهتر ڄڻا لاوين جي تعداد کان وڌيڪ آهن، تن جي عيوض رقم وٺي کين ڇڏي ڏي.


”اوهان جي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا پيدا ٿين، سي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ وقف ڪري ڇڏجو. اوهين پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺجو، نڪي پنهنجي رڍن ٻڪرين مان پهرئين ڄاول ڦر جي اُن ڪترجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan