Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 18:13 - Muslim Sindhi Bible

13 انهن جي زمين ۾ هر قسم جا پهريان پڪل ميوا جيڪي اُهي مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سي تنهنجا ٿيندا. تنهنجي گھر جو هر اُهو ڀاتي جيڪو پاڪ هجي سو ڀلي اُهي کائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 انهن جي زمين ۾ هر قسم جا پهريان پڪل ميوا، جي اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا، سي تنهنجا ٿيندا؛ تنهنجي گهر ۾ جيڪو بہ پاڪ هوندو، سو انهن مان کائيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 18:13
13 Iomraidhean Croise  

ٻئي موقعي تي بعل‌شالِشہ مان هڪڙو ماڻهو اتي آيو. هن انهيءَ خدا جي ٻانهي لاءِ جَون جي پهرئين فصل مان ويهہ پڪل مانيون ۽ اناج جا تازا سنگ آندا. اليشع پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”اهي ماڻهن کي ورهائي ڏي تہ کائين.“


انهيءَ حڪم جي جاري ٿيڻ سان ئي يروشلم جي ڪيترن ئي پنهنجي اناج، مئي، زيتون جي تيل، ماکيءَ ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيداوار مان پهريتي پيداوار جو ڏهون حصو گھڻي انداز ۾ آڻي ڏنو.


اوهين پنهنجي فصل ۽ ميون جي رس مان مون کي نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪجو. اوهين پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏجو.


اوهين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار جو بهترين ڀاڱو مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻيو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌيو.“


هر سال اوهين پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻجو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ پچائجو.“


هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ آڳاٽن پڪل انجيرن جهڙا نهايت عمدا انجير هئا ۽ ٻي ٽوڪريءَ ۾ اهڙا تہ خراب انجير هئا جو کائڻ جهڙا بلڪل نہ هئا.


هر فصل جي پيداوار جو پهريون حصو ڪاهنن جو هوندو. ان کان سواءِ هر نذراني جو پهريون حصو ڪاهنن کي ملندو ۽ هر دفعي اناج جي پچايل شين مان پهريون حصو بہ ڪاهنن کي ڏنو ويندو، تہ جيئن بني اسرائيل قوم تي برڪت نازل ٿئي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.


سج لهڻ کان پوءِ هو پاڪ ٿي انهن مخصوص قربانين مان ڀلي کائي، ڇاڪاڻ تہ اها سندس خوراڪ آهي.


اوهين پنهنجن گھرن مان ٻہ ٻہ روٽ هٿن تي بلند ڪرڻ لاءِ آڻجو. هر هڪ روٽ ٻہ ٻہ ڪلوگرام ميدي جو ۽ خمير گڏي پچايل هجي، انهيءَ لاءِ تہ مون خداوند جي لاءِ اها پهرين پيداوار جي قرباني ٿئي.


حيف آهي منهنجي حال تي! ڇاڪاڻ تہ آءٌ ميڪاہ اهڙي بکايل وانگر آهيان، جيڪو گرميءَ جا ميوا پٽجي وڃڻ، يا انگور چونڊجي وڃڻ کان پوءِ انهن ميون جو بکايل رهي ٿو. هائو، هن جي کائڻ لاءِ نہ ڪو انگورن جو ڇڳو بچيو آهي، ۽ نہ ئي پهريان پڪل دل کي وڻندڙ انجير ئي آهن.


اوهين سال بسال پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل مان پهرين پيداوار جو حصو ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن جو حصو انهن کي ڏجو.


تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهيءَ هنڌ کڻي وڃجو جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan