Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 18:11 - Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ کان سواءِ اُهي سڀ نذرانا جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪندا سي تنهنجا ٿيندا. مون اهي تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏنا آهن. تنهنجي گھر جو هر اُهو ڀاتي جيڪو پاڪ هجي سو ڀلي کائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ هنن جي نذر مان، کڻڻ واري قرباني تنهنجي ٿيندي، يعني بني اسرائيل جون سڀ کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي، ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: تنهنجي گهر ۾ جيڪو بہ پاڪ هوندو، سو انهن مان کائيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 18:11
10 Iomraidhean Croise  

بلڪ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ جو سينو ۽ پيش ٿيل ران پڻ اوهين ڪنهن بہ پاڪ جاءِ ۾ کائجو. اهي تون، تنهنجا پٽ ۽ تنهنجيون ڌيئر جيڪي تو سان گڏ هجن سي کائين، ڇاڪاڻ تہ اهو تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق آهي، جيڪو بني اسرائيل جي سلامتيءَ وارين قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي.


اهو ماڻهو هر ڪنهن منجھان هڪڙي هڪڙي ماني کڻي هڪ خاص قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري، اها انهيءَ ڪاهن جي ٿيندي جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريندو.


خداوند هارون کي فرمايو تہ ”مقدس خيمي بابت ڪنهن بہ خطا جي ذميواري تو تي، تنهنجي پٽن تي ۽ تنهنجي اباڻي قبيلي لاويءَ تي آهي. باقي ڪهانت جي خطا جي ذميواري رڳو تو تي ۽ تنهنجي پٽن تي آهي.


اهو حصو مون لاءِ ئي مخصوص آهي سو اهو رڳو مرد ئي کائين. انهيءَ حصي کي پاڪ سمجھہ.


مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيل بني اسرائيل جي خاص قربانين مان مخصوص حصا آءٌ تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏيان ٿو. اهو تو سان ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان مون خداوند جو هميشہ جي لاءِ اڻٽٽ عهد آهي.“


خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ تو کي اُهي سڀ شيون ڏيان ٿو جيڪي مون آڏو مخصوص قربانين طور پيش ڪيون ويون آهن. مون اهي تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڪاهنيءَ جو حق ڪري ڏنيون آهن.


جيڪي ماڻهو ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي قرباني ڪندا، تن مان ڪاهنن جو حق هي ٿيندو. اهي ڪاهنن کي انهيءَ جو ڪنڌو، ڄاڙي ۽ اوجھري ڏين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan