Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 17:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تون لاوي قبيلي جي لٺ تي هارون جو نالو لک. اهڙيءَ طرح هر هڪ قبيلي جي سردار جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گھرجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ تون لاويءَ جي لٺ تي هارون جو نالو لک: ڇالاءِ جو هنن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن مان هرهڪ جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گهرجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 17:3
10 Iomraidhean Croise  

لاويءَ کي ٽي پٽ هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري. انهن جي نالن تي لاويءَ جا گھراڻا هئا. لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي.


عمرام پنهنجي پڦيءَ يوڪبد سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا. عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي.


حقيقت ۾ اوهان پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي جو مون کي خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرڻ لاءِ عرض ڪري چيو اٿوَ تہ جيڪي ڪجھہ هو چوندو سو ئي اوهين ڪندا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي ڪاٺي کڻ ۽ انهيءَ تي هي لفظ لک ’يهوداہ جي بادشاهت.‘ پوءِ وري ٻي ڪاٺي کڻ ۽ انهيءَ تي هي لفظ لک ’اسرائيل جي بادشاهت.‘


”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ هو تو کي پنهنجن اباڻن قبيلن مان هر هڪ سردار جي لٺ ڏين. ڪل ٻارهن لٺيون هجن. پوءِ تون هر هڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک.


تون اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي اڳيان آڻي رک، جتي آءٌ تو سان ملاقات ڪندو آهيان.


خداوند هارون کي فرمايو تہ ”مقدس خيمي بابت ڪنهن بہ خطا جي ذميواري تو تي، تنهنجي پٽن تي ۽ تنهنجي اباڻي قبيلي لاويءَ تي آهي. باقي ڪهانت جي خطا جي ذميواري رڳو تو تي ۽ تنهنجي پٽن تي آهي.


پر رڳو تون ۽ تنهنجا پٽ ئي ڪهانت واريون ذميواريون پوريون ڪجو، جيڪي قربان‌گاهہ لاءِ ۽ پردي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ ادا ڪرڻيون آهن. آءٌ ڪهانت جي خدمت جو شرف اوهان کي بخشيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مخصوص شين جي ويجھو ايندو تہ اُهو ماريو ويندو.“


جڏهن باهہ انهيءَ ٽولي جي اڍائي سؤ ماڻهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ اهو ٽولو مري ويو، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن ٻنهي کي قورح سميت ڳهي ويئي. سو اهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان بڻيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan