Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 17:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مقدس خيمي جي رڳو ويجھو ئي ٿو اچي سو مري ٿو وڃي، تہ پوءِ ڇا اسين سڀيئي ختم ٿي وينداسين؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 جيڪو ماڻهو خداوند جي خيمي جي ويجهو ٿو اچي، سو مري ٿو: اسين سڀ نابود ٿي وينداسين ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 17:13
21 Iomraidhean Croise  

سواءِ انهيءَ وڻ جي جيڪو باغ جي وچ ۾ آهي. خدا اسان کي چيو آهي تہ ’ان وڻ جو ميوو نہ کائجو ۽ نہ ان کي هٿ ئي لائجو، متان مري وڃو.‘“


پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ملڪ جي لاءِ دعا ٻڌي ۽ بني اسرائيل قوم تان اها وبا ٽري ويئي.


اڳئين ڀيري جڏهن اوهان پاڻ انهيءَ کي نہ کنيو هو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڏمريو هو، ڇاڪاڻ تہ اسان کانئس پڇا ڪانہ ڪئي هئي تہ اها ڪهڙيءَ طرح کڻي هلون.“


يقيناً تنهنجي غصي جي ڪري اسين فنا ٿي وڃون ٿا، تنهنجي انهيءَ ڪاوڙ جي ڪري اسين حيران وَ پريشان آهيون.


تنهنڪري هاڻي اوهين انهيءَ تنبيهہ تي ٽوڪبازي نہ ڪريو، متان اوهان کي قيد ٿيڻ وقت اڃا وڌيڪ مصيبت جو منهن ڏسڻو پوي. انهيءَ سبب جو خداوند قادرِمطلق کان مون ٻڌو آهي تہ هُن سڄي ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.


هن ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن وٽان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، نہ تہ اوهين بہ هنن سان گڏ سندن سڀني گناهن سبب چٽ ٿي ويندءُ.“


خداوند هارون کي فرمايو تہ ”مقدس خيمي بابت ڪنهن بہ خطا جي ذميواري تو تي، تنهنجي پٽن تي ۽ تنهنجي اباڻي قبيلي لاويءَ تي آهي. باقي ڪهانت جي خطا جي ذميواري رڳو تو تي ۽ تنهنجي پٽن تي آهي.


۽ انهيءَ مرد جي پٺيان قبي واري هڪ تنبوءَ ۾ گھڙيو، جتي هن انهن ٻنهي، يعني انهيءَ مرد ۽ ان عورت جي پيٽ ۾ اُهو ڀالو ٽُنبي ڏنو. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل منجھان وبا ختم ٿي.


سو خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کين چاليهہ سال بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو جيستائين انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي مري کپي نہ ويا.


حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


پر هاڻي عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي خدا جي ويجھو ٿي پيا آهيو.


سو جڏهن قوم جا سڀ جنگي مرد نابود ٿي ويا،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan