جڏهن بہ يهوداہ ملڪ ۾ رهندڙ اوهان جي هموطنن مان ڪنهن جو ڪو مقدمو اوهان وٽ اچي، جيڪو منجھن قتل جي باري ۾ هجي توڙي شريعت ۽ قاعدن قانونن جي باري ۾ هجي، تڏهن اوهين کين خبردار ڪجو تہ هو خداوند جا گنهگار نہ ٿين، متان اوهان تي ۽ اوهان جي هموطنن تي خدا جو غضب نازل ٿئي. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڏوهاري نہ ٿيندا.