Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 16:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڇا اها ننڍي ڳالهہ آهي جو بني اسرائيل جي خدا اوهان کي پنهنجي قوم مان چونڊي ڌار ڪيو آهي تہ جيئن اوهين کيس ويجھا وڃو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند جي مقدس خيمي جي خدمت ڪريو ۽ قوم جي سامهون بيهي انهن جي بہ ديني خدمت ڪريو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 اوهين اها خسيس ڳالهہ ٿا سمجهو ڇا جو خدا اوهان کي بني اسرائيل جي جماعت مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، ۽ اوهان کي پاڻ وٽ سڏيو اٿس؛ انهي لاءِ تہ اوهين خداوند جي خيمي جي خدمت ڪريو، ۽ جماعت جي سامهون بيهي سندن ٽهل ڪريو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 16:9
20 Iomraidhean Croise  

پر لياہ وراڻيس تہ ”ڇا اهو ڪافي ناهي جو تو منهنجي مڙس کي مون کان کسي ورتو آهي؟ هاڻ تون وري منهنجي پٽ جي لکماسکڻي بہ وٺڻ چاهين ٿي.“ تنهن تي راخل چيس تہ ”چڱو ڀلا تنهنجي پٽ جي لکماسکڻيءَ جي موٽ ۾ منهنجو مڙس اڄ رات تو سان سمهندو.“


تنهنجي نظر ۾ تہ اها خسيس ڳالهہ آهي، اي خداوند خدا! تڏهن ئي تہ تو پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي بابت آئيندہ جي گھڻي عرصي جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۽ اي خداوند خدا! تو پنهنجي هن ٻانهي تي عام ماڻهن وانگر مهرباني ڪئي.


اهي لاوي جن پنهنجي سڀني هم‌قوم ماڻهن کي تعليم ٿي ڏني ۽ جيڪي خداوند لاءِ وقف ڪيا ويا هئا تن کي هن چيو تہ ”عهد واري پاڪ صندوق کڻي وڃي خداوند جي انهيءَ گھر ۾ رکو جيڪو بني اسرائيل جي بادشاهہ سليمان ولد دائود تعمير ڪرايو هو. اڳتي وري اوهان کي اها صندوق پنهنجن ڪلهن تي کڻي هيڏانهن هوڏانهن ڪونہ ڦرڻو پوندو. هاڻي خداوند پنهنجي خدا ۽ انهيءَ جي قوم بني اسرائيل جي خدمت ڪندا رهو.


انهيءَ ئي ڏينهن چندن لاءِ، پهريتن ڦرن لاءِ ۽ ڏهان حصا گڏ ڪرڻ لاءِ گودامن جا نگران مقرر ڪيا ويا. شهر جي آس‌پاس وارين ٻنين مان انهن کي اهي حصا آڻي گودامن ۾ رکڻا هئا، جيڪي شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر هئا. ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمت واري ڪم کان يهوداہ وارا خوش هئا،


تنهن تي يسعياہ آخز کي چيو تہ ”اي دائود جو اولاد! هاڻي تون ٻڌ. ڇا تنهنجي نظر ۾ اها ڪا معمولي ڳالهہ آهي جو تون ماڻهن جي صبر کي آزمائين ٿو ۽ وري هاڻي تون منهنجي خدا جي صبر کي بہ آزمائڻ چاهين ٿو!


ڇا اوهين انهيءَ ڳالهہ کي خسيس ٿيون سمجھو، جو اوهين بهترين چراگاهہ مان گاهہ چرو ٿيون ۽ ڍءُ ڪرڻ بعد باقي گاهہ کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي خراب ٿيون ڪريو؟ اوهين پاڻ تہ صاف پاڻي پي ڍءُ ٿيون ڪريو ۽ باقي بچيل پاڻيءَ کي پنهنجي پيرن سان لتاڙي خراب ڪري ٿيون ڇڏيو؟


رڳو اهي ئي منهنجي هيڪل جي عمارت ۾ داخل ٿيندا، منهنجي قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪندا ۽ هيڪل اندر منهنجي لاءِ مقرر ڪيل ڪم پورا ڪندا.


پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ مان ڪڍي هتي بيابان ۾ مارڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ هاڻي وري تون اسان جي مٿان صاحبي هلائڻ ٿو گھرين؟


موسيٰ قورح کي وڌيڪ چيو تہ ”اي لاويءَ جو اولاد! ٻڌو.


”لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجھو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ جيئن اهي سندس ماتحت ٿي خدمت ڪن.


تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ. بني اسرائيل منجھان اهي سندن خدمت واسطي ئي کين ڏنا ويا آهن.


هڪ ڏينهن جڏهن هنن روزو رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي تہ پاڪ روح کين چيو تہ ”جنهن ڪم لاءِ مون برنباس ۽ سائول کي چونڊيو آهي، تنهن لاءِ کين مخصوص ڪريو.“


سو منهنجي لاءِ اها ڳالهہ خسيس آهي جو اوهين يا ڪا انساني ڪورٽ منهنجي جاچ ڪري، بلڪ آءٌ پاڻ بہ پنهنجي جاچ نہ ٿو ڪريان،


هوڏانهن جڏهن بني اسرائيل اڃا سينا جبل وٽ ئي هئا تہ خداوند لاويءَ جي قبيلي کي الڳ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي عهد واري صندوق کڻن ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالو وٺي ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن. اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي.


سائول جي عملدارن اهي ڳالهيون وڃي دائود جي ڪن ۾ وڌيون. دائود کين ورندي ڏني تہ ”مون جهڙي غريب ۽ حقير ماڻهوءَ لاءِ بادشاهہ جو ناٺي ٿيڻ تمام وڏي ڳالهہ آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan