6 اي قورح! تون ۽ تنهنجو سڄو ٽولو هيئن ڪريو جو سڀاڻي صبح جو اوهين لوباندان کڻو،
6 اوهين هيئن ڪريو، قورح ۽ سندس ٽوليءَ وارا سڀيئي واسوڙا کڻو؛
پوءِ هارون جي پٽن مان ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوباندان کڻي انهيءَ تي ٽانڊا رکيا، انهن جي مٿان لوبان وڌائون ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي غير شرعي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هئن.
پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽولي کي چيو تہ ”سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي ۽ ڪير مخصوص آهي جيڪو سندس ويجھو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي چونڊيو هوندائين تنهن کي ئي پنهنجي ويجھو اچڻ ڏيندو.
خداوند جي آڏو انهن تي ٽانڊا رکي مٿن لوبان وجھو. پوءِ ڏسنداسون تہ ڪنهن کي خداوند مخصوص ڪري چونڊيو آهي. اوهين تہ حد کان لنگھي ويا آهيو.“