48 هو مئلن ۽ جيئرن جي وچ ۾ بيهي رهيو، تڏهن وبا بند ٿي ويئي.
48 ۽ هو، مئلن ۽ جيئرن جي وچ ۾ بيهي رهيو، تڏهن طاعون بند ٿي ويو.
پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ملڪ جي لاءِ دعا ٻڌي ۽ بني اسرائيل قوم تان اها وبا ٽري ويئي.
تڏهن فينحاس اُٿي کڙو ٿيو ۽ ڏوهين کي سزا ڏنائين، ۽ پوءِ وبا بلڪل ئي بند ٿي ويئي.
سو هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو لوباندان کنيو، انهيءَ تي ٽانڊا وڌا ۽ انهن مٿان لوبان وجھي موسيٰ ۽ هارون سان گڏ خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ اچي بيٺو.
پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، جنهن انهن سڀني اڍائي سؤ ڄڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جن لوبان آڻي پيش ڪيو هو.
سو هارون موسيٰ جي چوڻ موجب ڊوڙي قوم ۾ ويو ۽ ڇا ڏسي تہ وبا تہ ماڻهن ۾ شروع ٿي چڪي آهي! تڏهن هن لوبان ساڙيو ۽ ماڻهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين.
جيڪي قورح جي بغاوت سبب مري ويا هئا تن کان سواءِ وبا ۾ مرڻ وارن جو تعداد چوڏهن هزار ست سؤ هو.
ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري گناهہ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“
۽ آسمان مان سندس فرزند جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جياريو. اهو فرزند عيسيٰ ئي آهي، جيڪو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.
تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي دعا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.