Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 16:40 - Muslim Sindhi Bible

40 اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي نشاني هئي تہ جيئن ڪوبہ ماڻهو جيڪو هارون جي اولاد مان نہ هجي سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي. ٻيءَ حالت ۾ ان جو حال بہ قورح ۽ سندس ٽولي جهڙو ٿيندو. جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت اليعزر کي فرمايو هو تهڙيءَ ئي طرح سڀ ڪجھہ ڪيو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

40 تہ بني اسرائيل جي يادگيريءَ لاءِ هڪڙو نشان ٿئي؛ انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو هارون جي نسل مان نہ هجي، سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي، تہ هن جو حال قورح ۽ سندس ٽوليءَ جهڙو نہ ٿئي؛ جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت هن کي فرمايو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 16:40
16 Iomraidhean Croise  

اي بني اسرائيل جا ڪاهنؤ! اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، اهو ئي اوهان جو مددگار ۽ اوهان جو محافظ آهي.


جنهن ڪمري جو رخ اتر طرف آهي سو قربان‌گاهہ جي خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي. اهي سڀ ڪاهن صدوق جو اولاد آهن. لاوي قبيلي جي رڳو انهن ئي ڪاهنن کي خداوند جي حضور ۾ وڃي خدمت ڪرڻ جي اجازت آهي.


جيڪي ڪاهن مون پنهنجي حضور ۾ حاضر رهي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيا آهن، سي لاوي قبيلي مان صدوق جي نسل وارا آهن. سو قربان‌گاهہ جي وقف ڪرڻ وقت تون کين هڪڙو وهڙو ڏجانءِ جيڪو انهن لاءِ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربان ڪيو وڃي.


ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو ڪاهن وٽ رهندڙ مهمان هجي يا ڪو مزدور، سو انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي.


جڏهن مقدس خيمو اڳتي وڃڻو هجي تہ لاوي انهيءَ کي لاهين ۽ وري جڏهن کڙو ڪرڻو هجي تہ اهي ئي کڙو ڪن. جيڪو بہ ٻيو ماڻهو انهيءَ جي ويجھو ايندو، سو ماريو ويندو.


سو اليعزر ڪاهن اهي پتل جا لوبان‌دان کنيا جيڪي سڙي ويل ماڻهن نذر ڪيا هئا. هن انهن کي ڪُٽي قربان‌گاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا ٺاهيا.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جا فرض بجا آڻيندا رهن. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي تہ ان کي ماريو وڃي.“


موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي خدا سان ملاقات واري خيمي جي سامهون اوڀر طرف پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا. مقدس جاءِ جي سنڀال بني اسرائيل جي پاران انهن جي ئي ذمي هئي. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي ها تہ ان کي مارڻو هو.


عزت وارو اهو عهدو ڪوبہ ماڻهو پنهنجو پاڻ حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين خدا کيس هارون نالي پهرئين سردار ڪاهن وانگر نہ چونڊي.


تڏهن اوهين انهن کي اهو جواب ڏجو تہ ’جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق اردن درياءَ منجھان گذري تہ درياءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو هو.‘ سو اهي پٿر بني اسرائيل جي لاءِ هميشہ جي واسطي انهيءَ ڳالهہ جي يادگيريءَ جي نشاني ٿي رهندا.“


مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قابيل جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جهڙي گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan