Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 16:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن موسيٰ اهو ٻڌو تہ منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن موسيٰ اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 16:4
7 Iomraidhean Croise  

هاڻي جڏهن هنن ماڻهو پئي ماريا تڏهن آءٌ اڪيلو وڃي بچيس. پوءِ آءٌ منهن ڀر سجدي ۾ ڪريس ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! تون يروشلم تي پنهنجو قهر نازل ڪري اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي باقي رهيل سڀني ماڻهن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟“


تنهن تي موسيٰ ۽ هارون انهن سڀني جي روبرو خداوند آڏو منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيا.


پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“


”اوهين هنن ماڻهن مان نڪري الڳ ٿيو تہ آءٌ هڪڙيءَ جھٽ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن هو ٻئي سجدي ۾ ڪري پيا.


پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽولي کي چيو تہ ”سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي ۽ ڪير مخصوص آهي جيڪو سندس ويجھو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي چونڊيو هوندائين تنهن کي ئي پنهنجي ويجھو اچڻ ڏيندو.


تڏهن موسيٰ ۽ هارون ماڻهن وٽان نڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي در تي آيا. هو اتي سجدي ۾ ڪري پيا، تڏهن خداوند جو جلوو مٿن ظاهر ٿيو.


تڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر پيا رهيا. هنن پنهنجن مٿن ۾ مٽي پڻ وڌي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan