ڳاڻاٽو 16:39 - Muslim Sindhi Bible39 سو اليعزر ڪاهن اهي پتل جا لوباندان کنيا جيڪي سڙي ويل ماڻهن نذر ڪيا هئا. هن انهن کي ڪُٽي قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا ٺاهيا. Faic an caibideilSindhi Bible39 تڏهن اليعزر ڪاهن، اهي پتل جا واسوڙا کنيا، جي سڙي ويل ماڻهن نذر ڪيا هئا، ۽ انهن کي ڪٽي قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيائين، Faic an caibideil |
هنن عُزياہ بادشاهہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ ”اي عُزياہ! اهو تنهنجو ڪم ناهي جو تون خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، بلڪ اهو هارون جي اولاد جو ڪم آهي جيڪي ڪاهن آهن ۽ جيڪي لوبان ساڙڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. سو تون مقدس جاءِ مان نڪري وڃ. جيئن تہ تو گناهہ ڪيو آهي تنهنڪري خداوند خدا وٽ هاڻي تنهنجي ڪابہ عزت ڪانهي.“