Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 16:33 - Muslim Sindhi Bible

33 اهڙيءَ طرح هو پنهنجي مال ملڪيت سميت جيئري ئي وڃي قبر داخل ٿيا. پوءِ زمين انهن جي مٿان هڪ ٿي ويئي ۽ هو قوم مان ناس ٿي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

33 انهيءَ طرح هو، ۽ ٻيا جيڪي سندن هئا، سي سڀ جيئري ئي وڃي اوڙاهہ ۾ پيا؛ پوءِ زمين انهن جي مٿان پورجي ويئي، ۽ اهي جماعت منجهان نابود ٿي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 16:33
19 Iomraidhean Croise  

پوءِ هو چوندا تہ ”جيئن ڪو زمين کي هر ڏيئي ڀتر کيڙي ٿو، تيئن ئي اسان جا هڏا قبر جي منهن تي ٽڙيل پکڙيل آهن.“


اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان.


شل دشمنن تي اوچتو موت اچي پوي، بلڪ اهي جيئري ئي وڃي پاتال ۾ پون، ڇوجو سندن گھرن ۾ بلڪ سندن دلين ۾ بڇڙائي آهي.


پر آءٌ مدد جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندس، ۽ اهو ئي مون کي بچائيندو.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


ائين نہ ٿئي جو اها ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏي، يا آءٌ اُونهي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃان، يا وري قبر مون کي ڳهي وڃي.


اي خداوند! بيشڪ تو سچو انصاف ڪري پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪا کڏ غير قوم وارن ٻين لاءِ کوٽي هئي، تنهن ۾ اهي پاڻ ئي ڪري پيا آهن. هنن جيڪا ڪوڙڪي ٻين لاءِ اڏي هئي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن. هائو، جيڪي بہ بڇڙا ماڻهو آهن، سي پنهنجي ئي ڪمن ۾ ڦاٿل آهن.


مگر انهيءَ جي بجاءِ تون تہ قبر ۾، بلڪ پاتال جي تمام هيٺاهين ڀاڱي ۾ لاٿو ويو آهين.


پاتال جيڪو بابل جي بادشاهہ جي اچڻ تي سندس استقبال ڪرڻ لاءِ بي‌چين هو، تنهن هن جي خاطر اڳئين زماني جي مئل حڪمرانن جي روحن کي جاڳايو. هائو، هن ملڪن جي سڀني بادشاهن کي سندن تخت تان اٿاري کڙو ڪيو.


مئلن جي دنيا ۾ ڪوبہ تنهنجي شڪرگذاري يا واکاڻ نہ ٿو ڪري سگھي، نڪي اهي قبر وارا تنهنجي رحمتن کي ڏسڻ جي ڪا اميد رکي ٿا سگھن.


اهو سڀ ڪجھہ انهن ٻين قومن لاءِ اهڙي تاڪيد ٿيندو جيڪي جھجھي پاڻيءَ جي ڀرسان بيٺل وڻ مثل آهن تہ جيئن اهي مغرور ٿي پنهنجي چوٽي آسمان تائين بلند نہ ڪن. هائو، پاڻيءَ تي پرورش وٺندڙ ڪوبہ وڻ پنهنجي بلنديءَ تي وڏائي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي ضرور مرڻو آهي. سڀ بني آدم فاني آهن ۽ پاتال ۾ وڃي پوندا آهن. سو اهي بہ مري وڃي قبر ۾ پوندا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر وارن لاءِ واءِ‌ويلا ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ پيغام وسيلي کين طاقتور ماڻهن سان گڏ ماري پاتال ۾ اڇلائيندس جتي هو مئلن سان گڏ هوندا.


اتر جا سڀيئي حاڪم توڙي سڀيئي صيدوني پڻ پاتال ۾ وڌا ويندا. ڏهڪاءُ وجھندڙ هئڻ جي باوجود اهي اڻ‌طهريل بہ اتي وڃي پوندا. هو ٻين جنگ ۾ مارجي ويلن سان گڏ ذليل وَ خوار هوندا.


زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي.


سڀ بني اسرائيل جيڪي انهن جي آس‌پاس هئا سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا. رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”اُٿو! ڀڄو! متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي.“


پر تنهنجيءَ گڏهِہ مون کي ڏٺو ۽ ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مڙي ويئي. جيڪڏهن اها مڙي نہ وڃي ها تہ آءٌ تو کي ضرور قتل ڪري ڇڏيان ها، پر هن کي جيئرو ڇڏيان ها.“


پر قورح جا پٽ ڪونہ ماريا ويا.


منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قابيل جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جهڙي گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan